ڏهرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان شر مٿان حملو ڪرڻ ۽ ان جا گارڊ زخمي ڪرڻ واري ڏوهه ۾ گذريل ڏينهن سيلرا برادري جو سردار احمد خان سيلرو سيد ايس يو پي اڳواڻ سيد لال شاه۔ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتح سميجو مهر گروپ اڳواڻ راجو خان مهر۔هزار خان مهر۔مولا بخش ڌوندو ۽ ٻين معزز ۽ چڱن مڙسن ۽ برادري جي ماڻهن کي ساڻ ڪري ميڙ وٺي سردار شهريار خان شر جي رهشگاه ٻيروٽا پهتو ان موقعي تي سيلرا برادري جي سردار احمد خان سيلرو چيو ته اسان جي برادري جي ماڻهن جي وڏي غلطي آهي جو سردار شهريار خان شر جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سردار شهريار خان جو دوست علي محمد شر شهيد ۽ سندس گارڊ زخمي ٿيا جنهن جو اعتراف ڪندي مان چوان ٿو ته اسان جي برادري تمام غلط عمل ڪيو آهي جنهن لاءِ ڏوهه ڏنڊ جي رقم ڏيڻ ۽ معافي لاءِ هي ميڙ وٺي پهتا آهيون ان موقعي تي سردار شهريار خان شر سيد لال شاهه ۽ سردار احمد سيلرو ۽ ٻين معزز ماڻهن سان ڳالهيندي چيو ته اسان سڀ سيلرا۔شر۔ڀٽا۔پنهوار۔ڪوش۔سولنگي ۽ ٻيون برادري ڀائر آهيون پر ڪجهه غلطين سبب هڪ ٻئي سان جهيڙي سبب نقصان ٿيو ۽ ايتري قدر جو سيلرا برادري جي ماڻهن پاران منهنجي گاڏي مٿان پڻ حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو دوست ۽ نيڪ مرد علي محمد شر ۽ چاچو عمر شر شهيد ٿيا ۽ منهنجو گارڊ سهراب شر ۽ دوست جان محمد بگٽي سخت زخمي ٿيا هن چيو ته سکر ۾ فيصلو ٿيو جنهن کي مان دل سان قبول ڪيان ٿو ۽ فيصلي جي نتيجي ۾ آيل ميڙ کي مان ڏيندي سيلرا برادري جي سردار احمد خان سيلرو پاران سيد ۽ چڱا مڙس ميڙ وٺي اچڻ تي فيصلي ۾ امينن پاران مقرر ڪيل ڏنڊ جي رقم دل سان معاف ڪيان ٿو بعد ۾ سردار احمد سيلرو ۽ سيلرا برادري جي ماڻهن مرحوم علي محمد شر جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي ياد رهي ته سکر سرڪٽ هائوس ۾ فيصلي جي امينن پاران سردار شهريار شر مٿان حملي جو ڏنڊ 25 لک ۽ زخمين جا 15 لک ۽ ٻن گاڏين جو نقصان اٽڪل 50 لک ,مجموئي طور تي 90 لک ڏنڊ رکيو ويو هيو