وارهه لڳ فون تي ڳالهائڻ جي شڪ ۾ پيءُ ۽ ڀاءُ هٿان ناري بيدرديءَ سان قتل

وارهه/نصيرآباد(نمائندا) وارھ لڳ ڳوٺ ڳڙهي ماڪوڙو ۾ وحشي جوبدار ديدار ڀٽي پنهنجي پٽ حنيف ڀٽي سان گڏجي پنهنجي ئي نياڻي مٿان ڪارنهن الزام مڙھي سخت زخمي ڪري اذيت ناڪ موت ڏئي ڇڏيو، گهر ڀاتين  کي رات جي ماني  کارائڻ بعد موبائيل فون هلائيندڙ نياڻي نائلا زال الهداد ڀٽي کي پنهنجي پيء ديدار ۽ ڀاء حنيف موبائيل فون هلائيندي ڏسي مٿس ڏمرجي پيا ، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ نوجوان سان رابطي جو شڪ ڏيکاري مٿس ڪارنهن الزام مڙهي ڇڏيو ،جنهن ۾ جوابدارن مٿس بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ، وحشي جوابدار ٻن ڪلاڪن تائين نياڻي جي تڙپي مرڻ جو انتظار ڪندا رهيا ، دانهن ڪوڪن تي مدد لاءِ ايندڙ پاڙي وارن مٿان جوابدار بندوق ڏيکاري ڌمڪائيندا رهيا ،جنهن ڪري بروقت ڪوبه بي وس نياڻي جي مدد نه ڪري سگهيو ،  جڏهن ته حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهچي سگهي ، گهڻي دير سان اسپتال پهچا ئڻ تي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪري  ڇڏي ، اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش ڳوٺ آڻي دفنايو ويو ۔قتل جي ايف آء آر سرڪاري مدعيت ۾ گاجي ٿاڻي تي سرڪاري ڌر جي فرياد تي ٻن جوابدارن  ديدار ولد غلام قادر ڀٽي جوابدار حنيف عرف اربيلو ارباب مٿان داخل ڪئي وئي آهي ايس ايڇ او گاجي کهاوڙ سعيد احمد مئوقف ڏيندي چيو ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.