اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين لاءِ سهولتڪاري تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيارضا اميري مقدم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته بين الاقوامي هم آهنگي جا قابلِ اعتماد پيغامبر طور سفارتڪار امن جا معمار هوندا آهن، جن کي ڳالهين، همدردي ۽ سمجهه جي صبر آزما هنر وسيلي عالمي لاڳاپن جي نازڪ پيچيدگين مان رهنمائي ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويندي آهي۔هن لکيو ته هو پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏ پرڏيهي وزارت جي سينيئر ۽ قابل سفارتڪارن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪرڻ چاهي ٿو، جن وفدن ۽ ڳالهين لاءِ سهولتڪاري، هم آهنگي ۽ انتظامن جي بارڪ بيني سان تياري لاءِ انتھڪ محنت ڪئي۔