اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي خبردار ڪيو آهي ته قومي معيشت ممڪن طور “اسٽيگ فليشن جي صورتحال ڏانهن وڌي سگهي ٿي۔بيان موجب اهڙي صورتحال ۾ معاشي واڌ(جي ڊي پي) سست ٿي ويندي، جڏهن ته مهانگائي بلند سطح تي برقرار رهندي۔ ان جو نتيجو غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو۔مانيٽري پاليسي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده مالي سال جي پهرين اڌ (جولاءِ کان ڊسمبر) دوران مجموعي حقيقي جي ڊي پي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي آهي۔ ماهرن موجب اهڙي معاشي دٻاءَ واري صورتحال ۾ حڪومت کي مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ واڌ ويجهه وڌائڻ لاءِ متوازن پاليسين جي ضرورت پوندي۔