بدين ڀرسان پٽ ڪهاڙين جا وار ڪري جيجل امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ڀرسان وحشي جوابدار آئيس جي موالي ڪھاڙين جا وار ڪري پنهنجي جيجل ماءُ کي ماري  ڇڏيو، وھڻائي شريف ڀرسان آئيس جي موالي وحشي جوابدار وسيم ملاح پنھنجي پيرسن امڙ الھبچائي ملاح  کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار وسيم ملاح کي پوليس واقعي واري هنڌ تان گرفتار ڪري ورتو، واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي هٿ ڪئي وئي، قاتل وسيم ملاح کي پوليس پاران لاڪپ ڪيو ويو، مقتول پيرسن عورت الھبچائي جو لاش انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي عورت جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، عورت جي بيدردي سان قتل خلاف سوين ماڻھن وڌندڙ آئيس سوڌو مختلف نشي آور شين جي استعمال ۽ پوليس پوليس خلاف مک روڊ تي ڏرڻو ھڻي روڊ بند ڪري بدين ٽنڊو باگو روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي واري ھند تي مڇريل نوجوانن چيو ته اسان جو پوليس اھلڪار لال محمد عرف انور ملاح جنھن اسان کان 15 ھزار وصول ڪيا چيائين ته وسيم ملاح کي آئون گرفتار ڪندس رقم پوليس وٺڻ باوجود آئيس موالي کي گرفتار ڪرڻ ۾ دير ڪئي جنھن جو نتيجو پيرسن عورت قتل ٿي علائقي واسين چيو ته وھڻائي شريف شاھ جو ڪوٽ ، کوسا بائونڊري ھاليپوٽو موري ۽ ڳوٺ پيارو خان کوسو منشيات جا ڳڙهه بڻجي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.