وياج شرح ۾هڪ سيڪڙو واڌ، واپار ۽ سيڙپڪاري گهٽجڻ جو انديشو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي بنيادي وياج شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو مان وڌي 11.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. مرڪزي بينڪ پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ، تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ درآمدي دٻاءُ سبب وياج شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽن جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل مارچ جي اجلاس ۾ وياج جي شرح کي 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو هو، پر هاڻوڪي  معاشي صورتحال سبب مالي ماهرن پاران اڳ ئي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو. ٽاپ لائين سيڪيورٽيز ۽ ٻين ادارن جي سروي موجب 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سيڙپڪار شرح سود ۾ واڌ جي حق ۾ هئا ته جيئن وڌندڙ غير يقيني صورتحال تي ضابطو اچي سگهي. ماهرن جو خيال آهي ته هن واڌ سان مهانگائي جي شرح گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، پر ٻئي طرف بينڪن مان قرض کڻي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ڏکيائين پيدا ٿي سگهن  ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.