ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ڏهرڪي ڪاليج ٻاهران شاگردياڻي اريبا اعواڻ جي مبينا اغوا خلاف بار جي پريس ڪانفرنس، 24 ڪلاڪن ۾ شاگردياڻي جي آزادي جو مطالبو، چار ڏينهن اڳ پيپر ڏيڻ لاءِ ويندڙ 17 ورھين جي ڏھرڪي واسي شاگردياڻي اريبا غفار اعواڻ جي اغوا واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي صدر جي شاھنواز وسير ايڊووڪيٽ عظميٰ اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاگردياڻي اريبا غفار اعواڻ 24 اپريل تي گرلز ڪاليج ڏھرڪي پيپر ڏيڻ لاءِ وئي ھئي جتان ڪاليج جي ٻاهران ھٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا، پوليس ڪجهه نه ڪيو، اغوا ۾ داد لغاري ٿاڻي جو اي ايس آءِ آفتاب لغاري جو پٽ عديل لغاري ۽ ٻيا ملوث آهن، ٻئي پاسي اغوا ڄاڻايل ناري اريبا اعواڻ جو وڊيو بيان اچي ويو، وڊيو بيان ۾ هن چيو ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، مون عدالتي پرڻو ڪيو آهي، منهنجا وارث منهنجي مڙس ۽ مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.