ڪراچي/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي بحران ۽ وياج شرح ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم کي لکيل هڪ خط ۾ ايف پي سي سي آءِ چيو آهي ته آبناءِ هرمز جي بندش سبب آر ايل اين جي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پاور پلانٽن کي فرنس آئل تي هلايو پيو وڃي. فرنس آئل تي 77 رپيا پيٽروليم ليوي ۽ اڍائي رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي هجڻ ڪري بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ 3 رپين تائين واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا نيپرا قانون تحت واهپيدارن کي ڀرڻي پوندي. ايف پي سي سي آءِ مطالبو ڪيو آهي ته جون 2026 تائين اها ليوي معطل ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. ٻئي طرف، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (ڪي سي سي آءِ) جي صدر محمد ريحان حنيف ۽ ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت اسٽيٽ بينڪ پاران وياج شرح 10.5 مان وڌائي 11.5 سيڪڙو ڪرڻ واري فيصلي کي معيشت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو آهي. سندن چوڻ آهي ته جڏهن خطي جي ٻين ملڪن ۾ شرح سود 5 کان 8 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، تڏهن پاڪستان ۾ اهڙي بلند شرح سان صنعتي ترقي ناممڪن آهي. هنن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيندڙ مهانگائي جو بار صنعتن تي وجهڻ بدران حڪومت کي گهرجي ته هو ڪاروباري برادري کي رليف فراهم ڪري ته جيئن ملڪ جي ايڪسپورٽ متاثر نه ٿئي.