تعليم کي ڪنھن به خطي، ملڪ، قوم ۽ معاشري جي واڌويجهه ۽ ترقي لاءِ بنيادي ۽ اهم جزو سمجهيو ويندو آھي، جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته جيڪڏهن ڪنھن به قوم کي تباھ ڪرڻو هجي ته ان قوم کان تعليم کسي ڇڏيو ته اها قوم پاڻمرادو ختم ٿي ويندي ته ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن به قوم ۽ معاشري جي ترقي جو واحد گس تعليم ئي آھي، جنھن ذريعي اها قوم ۽ معاشرو دنيا جي ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهي سگهي ٿو. تعليم ڪنھن به قوم جو معمار هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته تعليم سان عدم دلچسپي رکندڙ قومون تعليمي، سماجي ۽ معاشي توڙي اقتصادي طور هميشه پوئتي رهجي وڃن ٿيون. بهتر تعليم سان ئي بھتر نظام جڙي سگهجي ٿو، ڪنھن به ملڪ تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهو پنھنجي ملڪي عوام لاءِ بھتر کان بهتر تعليم جو بندوبست ڪندي معياري تعليم کي هٿي ڏئي هر غريب توڙي امير کي هڪ جهڙي تعليم ڏني وڃي.
هڪ رپورٽ موجب سڄي پاڪستان جي 35 سيڪڙو ٻارڙن جي آبادي اسڪولن کان ٻاهر تعليم کان پري آھي ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ڳالهه ڪيون ته تقريبن 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر يعني علم پرائڻ کان وانجهيل آھن، جيڪو قوم جو وڏو نقصان آھي. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار کي ان ڳالهه طرف به يقينن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيڪي ٻارڙا تعليمي نظام ۾ موجود هوندي تعليم پرائي رهيا آھن ته انھن کي بهتر کان بهتر ۽ جديد تقاضائن کي نظر ۾ رکي جديد طرز جو نصاب پڙھائيندي انھن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيتن ۽ مهارتن سان گڏ نه رڳو سائنس بلڪه هر شعبي مثال طور تي معاشيات، صنعتڪاري، ذراعت ۽ مصنوعي ذهانت جهڙي بيشمارشعبن کي هٿي وٺرائيندي نئين نسل کي ان طرف راغب ڪري ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ جي موجوده تعليمي نظام ۾ تعليم جي زوال جو خاص سبب هتان جو ڪاپي ڪلچر نظام آھي، جنھن اسان جي سنڌ جي تعليم کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اڄڪلهه سنڌ جي مختلف بورڊن جي سربراهي ۾ سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن جا امتحان آخري مرحلن مان گذري رهيا آھن، جتي مختلف پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا موجب ڪاپي ڪلچر نظام جو زور لڳو پيو آھي، نتيجي ۾ لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪٿي امتحاني مرڪز ختم ڪيا ويا آھن ته ڪٿي امتحاني مرڪزن ۾ موجود عملي ۽ شاگردن خلاف قانوني ڪارروائيون به نظر ۾ آيون آھن. مطلب ته ڪاپي ڪلچر نظام اسان جي تعليم کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو مڪمل خاتمو سنڌ ۽ سنڌ جي ٻارڙن جي بقا ۽ بهتر مستقبل لاءِ تمام ضروري آھي. سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل بورڊن طرفان مختلف وقتن تي ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ کنيل سخت قدم ۽ فيصلا توڙي اي مارڪنگ سسٽم آڻڻ ۽ گريڊنگ پاليسي ۾ تبديلي وارا کنيل قدم به پنھنجي جاءِ تي اهميت جا حامل آھن پر خدارا ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪو اهڙو خاص مڪينزم جوڙيو وڃي، جنھن سان اسان جا ٻار پڙھي لکي قابل بڻجي پنھنجو ۽ پنھنجي ڌرتي جو مسقبل سنواري سگهي.