انيسا ڦل واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو، ڌرڻي کان پوءِ 3 جوابدار گرفتار

پير وسڻ (عوامي آواز نيوز) پير وسڻ ۾ معصوم نياڻي انيسا ڦل کي اغوا ڪري لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪري کڏ کوٽي پوريو ويو، هن انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوءِ مقتولا  نياڻي جي وارثن، شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ويو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين چوڪ تي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هيءُ واقعو اسان جي سماج ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ تي هڪ وڏو سواليه نشان بڻجي ويو، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي نوٽيس بعد پيروسڻ پوليس ڪارروائي ڪري معصوم ٻارڙي انيسا ڦل جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن نعمت الله لاشاري، گل محمد ملاح ۽ محمد پناھ ڦل کي گرفتار ڪيو ويو، ميڊيا رپورٽن موجب نينگري انيسا جي والد محمد حيات ڦل جي جوابدار نعمت الله ملاح سان دوستي هئي، جوابدار نعمت الله لاشاري جا نينگري جي والد حيات ڦل سان ذاتي اختلاف، ذاتي مسئلو ٿيو هو ۽ جيڪو گهڻي حد تائين هو، جوابدار نعمت الله نينگري انسيا کي ڪڻڪ جي ديري کان پوءِ ان ڏيڻ بهاني پنهنجي زمين تي وٺي ويو جنهن کان پوءِ نينگري 6 ڏينهن  گم رهي، پيروسڻ جي پوليس وارثن جي درخواست تي عمل نه ڪرڻ خلاف نينگري جي آزادي ۾ بيوس ٿي وارثن ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن طرفان 3 ڏينهن اڳ پيروسڻ اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو، روڊ نه کولڻ تي ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي خيرپور ميرس جي ليڊي پوليس کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، ان مرحلي ۾ پوليس نينگري جي امڙ سميت ٻين ڪيترن ئي عورتن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو هو، وارثن جي شڪ کان پوءِ جوابدار نعمت کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري نينگري انيسا جي لاش جو اطلاع ڏنو ۽ هنڌ ٻڌايو، علائقي واسي ٻڌائن پيا ته قتل ٿيل نينگري انيسا زمين ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ پالتو جانورن لاش مٿان حملي جي به ڪوشش ڪئي، سڄو معاملو ٻن دوستن جي وچ ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ پلاند ڪري معصوم نينگري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، قتل ٿيل ٻارڙي انيسا ڦل جي پيءُ پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس منهنجي گهرواري کي 3 ڏينهن کڻي وئي، منهنجي ڀاءُ کان پئسا ورتا ويا، نياڻي به اسان جي گم ٿي وئي ۽ بعد بيدردي سان قتل ڪئي وئي وري پوليس اسان خلاف وٺ  پڪڙ شروع ڪئي، منهنجي نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران خيرپور ضلعي ۾ معصوم نياڻي انيسا ڦل جي قتل ۽ ٺيڙهي ۾ نينگر ارمان علي ميمڻ سان زيادتي جي ٻن الڳ – الڳ واقعن جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ خيرپور ضلعي جي ٻنهي واقعن بابت ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.