ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته يونيورسٽي روڊ بابت سوالن تي شرمندگي ٿيندي آهي، وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته مختلف هنڌن تي جڏهن کانئن سوال ڪيو وڃي ٿو ته ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ ڇو نه ٿو ٺهي ته کين شرمندگي محسوس ٿيندي آهي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هاڻي ته ميمز به ٺهي ويون آهن ته هرمز کلي ويو پر يونيورسٽي روڊ نه کليو، شايد ڪنهن هتي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون ۽ هرمز ٻيهر بند ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته سندس حڪومت گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ 7 ارب رپين جي جامع مالي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن مان 5.657 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ 200 تصديق ٿيل متاثرن ۾ 511.7 ملين رپين جا معاوضي وارا چيڪ ورهايا ويا آهن جيڪو حڪومت پاران انهن جي مڪمل بحالي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ آهي، تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا جي سانحي کي هڪ ڏکوئيندڙ واقعو قرار ڏنو جنهن ڪيترن ئي خاندانن ۽ واپاري برادري کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهچايو، تقريب ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، مڪيش ڪمار چاولا، سعيد غني، وڏي وزير جو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن بشمول زبير موتي والا ۽ متاثرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي رهنمائي ۾ پهرين ڏينهن کان متاثرن کي فوري ۽ طويل مدتي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پهرين مرحلي ۾ 72 فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن لاءِ في ڪس 10 ملين رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ويو هو. 64 ڪيسن ۾ ادائگيون مڪمل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته چار تصديق جي مرحلي ۾ آهن ۽ چار قانوني وارثن جي مسئلن سبب التوا ھيٺ آهن. ٻئي مرحلي ۾ 849 متاثر دڪاندارن کي رمضان دوران فوري رليف طور 500000 رپيا في ڪس فراهم ڪيا ويا ته جيئن کين پنهنجو روزگار ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت متاثرن لاءِ 7 ارب رپين جي جامع مالي پيڪيج جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن مان 5.657 ارب رپيا اڳ ئي اڪائونٽنٽ جنرل جي آفيس ذريعي ڪي سي سي آئي (KCCI) جي جائزي مطابق متاثرن ۾ ورهائڻ لاءِ حاصل ڪيا ويا آهن. جاري مرحلي تحت 200 تصديق ٿيل متاثرن ۾ 511.7 ملين رپين جا چيڪ ورهايا ويا جڏهن ته باقي دعويدارن جو معاوضو پڻ ڪي سي سي آئي جي تصديق کانپوءِ جاري ڪيو ويندو، ڪي سي سي آئي جي ڪاٿي موجب گل پلازا ۾ 1209 دڪان هئا ۽ معاوضي جي ڪارروائي انوينٽري جي نقصانن جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي. متاثرن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪو به معاوضو ٿيل نقصانن جو پورو پورائو نٿو ڪري سگهي پر حڪومت متاثرن سان گڏ بيٺي آهي، ڪوبه مالي امداد ٿيل درد ۽ نقصان جو ازالو نٿي ڪري سگهي، پر اسان توهان جي بحالي ۽ سهڪار لاءِ پرعزم آهيون. حڪومت تمام التوا ۾ پيل ادائگيون مڪمل ڪرڻ ۽ متاثر واپارين جي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، هر تصديق ٿيل متاثر ماڻهو کي معاوضو ملندو. ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. مراد علي شاهه متاثر خاندانن ۽ واپاري برادري جي همت جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڏکين حالتن ۾ سندن حوصلا قابلِ تعريف آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته حڪومت ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ حفاظتي اپاءُ وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن، اسان نه صرف بحالي پر مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم جاري رکنداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا سانحي تي عدالتي ڪميشن جي رپورٽ تي پڻ ڳالهايو ۽ اعلان ڪيو ته ان جي سفارشن تي عملدرآمد لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. هن چيو ته رپورٽ جي روشني ۾ احتساب کي يقيني بڻايو ويندو، رپورٽ ۾ جنهن کي به ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ان کي ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پوندو، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ نتيجا انهن خدشن جي عڪاسي ڪن ٿا جن جي نشاندهي سندس حڪومت شروع کان ئي ڪئي هئي، صدر آصف علي زرداري پڻ اهو معاملو چيني اختيارين سان کنيو آهي ۽ هڪ چيني ڪمپني ٻه ڀيرا ڪراچي جو دورو ڪيو آهي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فائر فائٽنگ جو هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو آهي. مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته ماضي ۾ سروس ڊليوري جي مقابلي ۾ ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو هو پر هاڻي حڪومت ٻنهي تي هڪ ئي وقت ڌيان ڏئي رهي آهي، صرف هن سال ڪراچي لاءِ 300 ارب رپين کان وڌيڪ جون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن جيتوڻيڪ مثالي طور شهر کي ان کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پراڻن شهري مسئلن کي صرف هڪ حڪومت سان منصوب نٿو ڪري سگهجي، هن نوٽ ڪيو ته ڪيترائي ساختي مسئلا موجوده انتظاميه کان اڳ جا آهن. وڏي وزير هن موقعي کي شرڪت ڪندڙن کي ڪراچي ۾ جاري وڏن انفراسٽرڪچر ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ عظيم پوره فلائي اوور 90 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته پهلوان ڳوٺ روڊ، نٿا خان ڳوٺ روڊ، شاهراهه فيصل کي گلشن سان ملائيندڙ سڙڪ، نشتر روڊ، توري بنگش روڊ، سهراب اختر روڊ، جهانگير روڊ، لياري ۾ مرزا آدم روڊ، قلندريه روڊ، ميٽروول روڊ، ايس آئي يو ٽي (SIUT) جي ويجهو مھرالنساء روڊ، چانڊ بي بي روڊ، اصلاح الدين روڊ ۽ گل پلازا جي آس پاس جي سڙڪن تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو، هن سوشل ميڊيا تي سڙڪن جي ڪم بابت اٿاريل خدشن جو حوالو ڏيندي چيو ته فيلڊ تصديق مان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه شڪايتون تعميراتي نقصن بدران حددخلين خلاف آپريشنز ۾ مزاحمت جو نتيجو هيون. مراد علي شاهه اهو پڻ چيو ته ڪراچي جي تاريخي مارڪيٽن جي بحالي جاري آهي جن ۾ ايمپريس مارڪيٽ، لي مارڪيٽ، مڇي مياڻي مارڪيٽ، نرسري مارڪيٽ ۽ سولجر بازار مارڪيٽ شامل آهن جن مان ڪجهه منصوبا تڪميل جي ويجهو آهن، هن اعلان ڪيو ته شاهراهه ڀٽو جو افتتاح مئي جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جڏهن ته مرغي خاني پل ۽ مسجد عائشه کي شاهراهه ڀٽو سان ملائيندڙ سڙڪ پڻ جلد مڪمل ڪئي ويندي، وڏي وزير شاهراهه ڀٽو تي ترقياتي منصوبن ۽ امن امان بابت گمراهه ڪندڙ رپورٽنگ تي تنقيد ڪئي ۽ متوازن ڪوريج تي زور ڏنو. هن چيو ته ميڊيا کي خامين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي پر ان کي ڪيل سٺن ڪمن کي به اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوامي اعتماد مضبوط ٿئي. گل پلازا سانحي کانپوءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مراد علي شاهه چيو ته شهرين ۽ واپارين جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ معاوضو، احتساب، شهري تحفظ جون سڌارائون ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي گڏجي اڳتي وڌندا، بزنس مين گروپ جي چيئرمين ۽ مشهور واپاري اڳواڻ زبير موتي والا تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو شڪريو ادا ڪيو جنهن کي هن متاثرن جي مدد لاءِ هڪ سنجيده ۽ مخلصاڻي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت مختصر وقت ۾ تيزي سان ۽ خاطر خواهه ڪم ڪيو آهي، تمام گهٽ وقت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. اسان واپاري برادري سان گڏ بيهڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه جا دل سان شڪرگذار آهيون. زبير موتي والا چيو ته معاوضي جو عمل تصديق ٿيل نقصانن جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي ۽ هر حقدار دعويدار کي واجب الادا معاوضو ملندو. هن چيو ته جيڪو به نقصان ٿيو آهي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته رقم حقدار ماڻهو تائين پهچي. هن اهو پڻ نوٽ ڪيو ته حڪومت ان کان اڳ بولٽن مارڪيٽ ۽ ٽمبر مارڪيٽ سميت ٻين مارڪيٽن جي سانحن ۾ ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ واپارين سان گڏجي ڪم ڪيو هو، ۽ موجوده پيڪيج کي گل پلازا جي متاثرن لاءِ هڪ وڏو رليف قرار ڏنو، متاثرن جي نمائندن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جي مسلسل تعاون تي شڪريو ادا ڪيو، متاثر واپاري محمد اشرف چيو ته اڄوڪي ڏينهن اميد کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، هي صرف معاوضي جو چيڪ ناهي، هي اميد آهي، حڪومت ڏکئي وقت ۾ متاثرن سان گڏ رهي، هڪ ٻئي متاثر ماڻهو سلطان چيو ته هي سانحو تباهه ڪندڙ هو پر حڪومت جي تعاون متاثرن کي ڏيکاريو ته هو اڪيلا ناهن، متاثر الياس شاهه چيو ته متاثر 17 جنوري جي ان رات کي ڪڏهن به نٿا وساري سگهن جڏهن هي سانحو پيش آيو، پر هنن ساراهيو ته سنڌ حڪومت سندن ڏکئي وقت ۾ ساڻن گڏ بيٺي رهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته معاوضي کان هٽي ڪري حڪومت اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۽ مضبوط حفاظتي نگراني ذريعي مستقبل ۾ اهڙن سانحن کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جا هاري، مزدور ۽ واپاري معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، اسان متاثرن جي مدد جاري رکنداسين ۽ ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪنداسين ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. مراد علي شاهه متاثرن جي همت ۽ ڪراچي چيمبر جي تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته اجتماعي ڪوششون متاثر واپارين کي وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرڻ ۾ مدد ڏينديون.