ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو تي هٿياربند واپاري کان 25 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي ۾ واپاري زخمي به ٿي پيو، ڊفينس جي رهواسي واپاري حفيظ الرحمان موجب رات جو هو لانڍي دائود چورنگي کان پنهنجي گاڏي ۾ شاهراهه ڀٽو رستي قيوم آباد ويجهو پهتو ته جوابدارن ڪار کي ٽڪر هنيو، حادثو سمجهي گاڏي روڪي ۽ پوئتي وڃي پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳس ته ان دوران 4 موٽر سائيڪلن تي سوار جوابدار ون وي ذريعي اچي مون کي يرغمال بڻايو، جوابدارن تشدد ڪندي ٻيهر گاڏي ۾ ويهاريو، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو، واپاري موجب جوابدارن گاڏي ۾ رکيل 25 لک رپين جو ٿيلهو کسي ورتو ۽ گاريون ڏيندي ڌمڪيون ڏنيون پوءِ هٿيارن جي زور تي فرار ٿي ويا، واقعي بعد حفيظ الرحمان فوري طور مددگار 15 پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پنهنجي آفيس کي به آگاهه ڪيو، بعد ۾ ٽول پلازا جي سي سي ٽي وي فٽيجز حاصل ڪئي وئي، جنهن ۾ جوابدار واپاري جي ڀر واري بوٿ تي ٽول ادا ڪندي نظر آيا، پوليس موجب جوابدار هڪ ڪار ۾ سوار هئا جنهن جو نمبر ڊي آءِ بي 545 هو، جاچ دوران اهو نمبر جعلي نڪتو آهي، پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران جاچ شروع ڪري ڇڏي.