سائين جي ايم سيد جي قومي فڪر جي تقاضا

اڄ سائين جي ايم سيد جي ورسي جو ڏينهن آهي. کيس اسان کان جسماني طور تي وڇڙي 31 ورهيه گذري ويا آهن. پاڻ 25 اپريل 1995ع تي لاڏاڻو ڪري ويا هئا. ايئن هڪ تاريخ ساز قوم پرست اڳواڻ جي حيثيت ۾ جڏهن گذاري ويا،  ته اها شخصيت سنڌ جي تاريخ  طور امر ٿي وئي يعني سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد هڪ ٻئي جي لاءِ لازم و ملزوم بڻجي ويا.

اسان جو خيال آهي ته جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي علامت آهي ته سائين جي ايم سيد وري سنڌي قوم جي تشڪيل جو اهڃاڻ آهي ۽ اهي ٻئي شخصيتون يقينن سنڌ جي تاريخ جي تسلسل ۾ پيدا ٿيون آهن. ۽ ماضيءَ جي ورثي جو نچوڙ آهن. سو  جيئن شاهه ڀٽائيءَ کان اڳ به سنڌي  ٻولي ۾ شاعري ٿيندي هئي  تيئن ئي سنڌ جو سياسي وجود به هزارين سال آڳاٽو آهي. سنڌي ماڻهو برابر هزارين ورهين کان سنڌ ڌرتي تي موجود رهيا آهن پر سندن قومي وجود کي هڪ منظم شڪل ڏيڻ ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪردار فيصلائتو ثابت ٿيو آهي. هاڻي سنڌي قوم جي علامت ئي سائين جي ايم سيد بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هاڻي به ڪافي غير سياسي ماڻهو پنهنجي  ذات يعني برادري کي قوم تصور ڪندا آهن تنهن ڪري سنڌ جي قومي وجود کي پختو ڪرڻ واري سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ فڪري جدوجهد کي هاڻي به سنڀالي هلڻ جي ضرورت آهي. پر ان کان به وڌيڪ  بحيثيت سنڌي قوم ٻڌيءَ جي ضرورت آهي.

اهڙو احساس پاڻ کي سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ واري عرصي ۾ وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيندو رهيو آهي. شايد ان ڪري به جو سنڌ ۾ هاڻي نه سائين جي ايم سيد پاڻ سان گڏ آهي نه ئي سندس وڏي عمر جهڙو بزرگ سياسي ليڊر رهيو آهي جنهن جي بزرگي ۽ تاريخي جدوجهد جو ڪو لحاظ ڪري سگهي .ڇا ايئن سمجهجي ته هاڻي سنڌي قوم جو ڪو وڏو ناهي رهيو پر اها خوش قسمتي ضرور آهي ته سائين جي ايم سيد جو سياسي ۽ تاريخي فڪر اڄ به پاڻ سان گڏ آهي جنهن ۾ سنڌ جو قومي وجود موجود آهي ۽ اها به پنهنجي خوش قسمتي آهي ته ان قومي فڪر کي سنڀالڻ لاءِ سنڌ ۾قوم پرست جماعتون، انهن جماعتن جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ سنڌي قوم پاڻ موجود آهي پر پوءِ به خالي موجود هجڻ ڪافي ناهي. سنڌ جي قومي وجود ۽ فڪر جي تقاضا کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

جيڪڏهن تاريخي ماديت جي اصول تحت سنڌي قوم جي وجود واري سفر کي ڏسجي ته ڌارين جي لاڳيتن حملن، حڪومتن تي قبضن ۽ سنڌ جي قومي وجود کي ميسارڻ جي تمام تر ڪوششن باوجود سنڌي قوم جو وجود قائم آهي جيڪا غير معمولي ڪاميابي آهي. انهيءَ ڪاميابي جو سبب يقينن اهو ئي آهي ته هر دور جي ڌارين جي حملن سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سان جذباتي طور سلهاڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي قومي  تشخص واري جدوجهد جو اهم حصو آهي.

اها سائين جي ايم سيد جي منظم ۽ تسلسل سان هلايل قومي جدوجهد  ئي آهي جيڪا هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿي آهي، نه صرف اها منتقل ٿي آهي پر اڄ انتهائي مضبوط به ٿي آهي جنهن جو مثال اهو آهي ته سنڌي قوم جو تشخص ان نئين نسل ۾ به وڌيو آهي جيڪو سڌو سنئون ڪنهن قوم پرست جماعت ۾ به ناهي. ٻيو ته ڇڏيو ملڪ جي اقتداري وفاقي جماعتن جا اڳواڻ به هاڻي اهو ئي نعرو هڻڻ تي مجبور آهن ته ”مرويسون  مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هاڻي ته ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پ پ جي قيادت کي به ’سنڌي قومپرستي‘ جو طعنو ڏيندا آهن. ائين به ناهي ته قوم پرستي صرف سنڌ ۾ وڌي ۽ مضبوط ٿي آهي پر اها ٻين صوبن ۾ به وڌي آهي. اها به حقيقت آهي ته  هي ملڪ گهڻ قومي ملڪ آهي جنهن ۾ تمام گهڻيون قومون ۽ مختلف مادري ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪي پنهنجي موجود هئڻ جو مختلف وقتن ۾ اظهار به ڪنديون رهيون آهن. پنهنجي ملڪ اندر سنڌي ميڊيا بابت به اهو عام تاثر رهيو آهي ته سنڌي ميڊيا پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان جهڙي جذباتي نموني ڪميٽيڊ آهي ايڏي ٻين ٻولين جي ميڊيا ناهي.سنڌي ميڊيا اندر پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سان اها جذباتي وابستگي به قومي فڪر سان سلهاڙيل يا متاثر ٿيل سنڌي اديبن صحافي بڻجي آندي.

هتي اسان اهو به واضح ڪريون ته قومي وجود جي ڳالهه ڪرڻ ڪنهن ريت به تنگ نظري ناهي. قومي فڪر جي معنيٰ اها آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي وجود ۽ ٻولين کي قبولجي ٿو. جيستائين سائين جي ايم سيد جي قومي فڪر جي تقاضا جو سوال آهي ته ان معاملي ۾ اها ڪمي  شدت  سان محسوس ٿيڻ لڳي آهي ته سنڌي قوم ۾ هاڻي به اها مثالي ٻڌي ناهي جيڪا هئڻ گهرجي.  خاص طور تي برادرين جي خوني تڪرارن مجموعي طور تي ان قومي ٻڌيءَ کي شديد نقصان ڏنو آهي. برادرين جي خوني تڪرارن جيڪڏهن مجموعي طور ڏسجي ته اهي  قومي تڪرار ئي آهن، جن قومي وجود جو قتل عام ڪيو آهي  جنهن کي روڪڻ لاءِ خاص طور تي قومي قيادت کي اڳتي اچي پنهنجي قوم کي برادري جي خوني جهيڙن ۾ قتل عام ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي سو گهٽ ئي نظر اچي ٿو تنهن ڪري ۽ قومي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ عملي طور سگهاريون ڪوششون وٺڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.