تهران(م ڊ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران پنهنجي قومي مفادن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ايراني ميڊيا موجب، جڏهن پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي جي واڌ جي مطالبي بابت پڇيو ويو، ته اسماعيل بقائي خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪوششن ۽ ٽياڪڙي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. بهرحال، هن زور ڏنو ته موجوده تڪرار ايران طرفان شروع نه ڪيو ويو آهي ۽ ايران جون ڪارروايون مڪمل طور تي پنهنجي دفاع جي قدرتي حق جي دائري ۾ آهن.