ڪراچي/ بدين (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ٽي ڏينهن اڳ شاهراهه فيصل تي فائرنگ ڪري قتل ڪيل ڊاڪٽر سارنگ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي برآمد ڪري ورتي، جاچ اختيارين موجب حملي آورن واردات لاءِ ملير مان ڪرائي تي گاڏي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سارنگ پنهنجي زال سان گڏ جنهن رڪشا ۾ سوار هو، ان جي ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته مقتول جي گهرواري جو شروعاتي بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين ڪنهن به دشمني يا ڏيتي ليتي جو سبب سامهون نه آيو، مقتول جي گهرواري ٻڌايو ته ڊاڪٽر سارنگ گلستان جوهر ۽ ڪورنگي جي ٻن مختلف اسپتالن ۾ نوڪري ڪندو هو، جاچ اختيارين موجب وارثن تدفين کان پوءِ اڃا تائين جاچ ۾ مڪمل سهڪار نه ڪيو، ٻئي پااسي ڪراچي ۾ دھشت گردن ھٿان ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيل بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جي قتل خلاف بدين ۾ شھري اتحاد ۽ ڊاڪٽرس فورم پاران شاھنواز چوڪ بدين کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي قوم پرست اڳواڻ پنھل ساريو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي رٽ نه ھئڻ سبب ڪراچي ۾ دھشت گرد سنڌ جي ماڻھن کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪري رھيا آھن جيڪا موجوده حڪومت جي منھن تي چماٽ برابر آهي، ھنن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.