آمريڪي ناڪابندي باوجود آبناءِ هرمز مان ايران جا 34 آئل ٽينڪر پار

واشنگٽن/تھران (عوامي آواز نيوز) آبناءِ  هرمز  جي ڪامياب ناڪابندي بابت آمريڪي دعوائن جي باوجود، ايران سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ 34 آئل ٽينڪر هرمز کي عبور ڪري منزل ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.مشهور آمريڪي مالياتي رسالي تصديق ڪئي آهي ته انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 6 بحري جهاز 10.7 ملين بيرل ايراني خام تيل کڻي وڃي رهيا هئا. هن تيل جي  وڪري مان ايران کي لڳ ڀڳ 910 ملين ڊالر جي آمدني حاصل ٿيندي. هي انڪشاف آمريڪي ناڪابندي جي اثرائتي هجڻ تي سواليا نشان اٿاري رهيو آهي.ٻئي طرف، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پنهنجي دعويٰ تي قائم آهي. ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته ناڪابندي کانپوءِ ايراني بندرگاهن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ 28 جهازن کي روڪي واپس موڪليو ويو آهي. آمريڪي اختيارين موجب هو ايراني تيل جي ترسيل کي روڪڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪري رهيا آهن.آمريڪي ناڻي واري وزير  اسڪاٽ بيسينٽ چيو آهي ته سامونڊي واپار ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو اصل مقصد ايراني حڪومت جي بنيادي آمدني جي ذريعن کي نشانو بڻائڻ آهي،جيڪڏهن ڪو به ملڪ يا ڪمپني ايران سان خفيه واپار ۾ ملوث ملي ته ان تي سخت آمريڪي پابنديون مڙهيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.