بڪيرا شريف ۾ شاگردياڻي سان پٽيوالي پاران زيادتي ڪوشش

ٽنڊوالھيار(رپورٽ:حسرت لغاري)بڪيرا شريف جي سرڪاري گرلس مڊل اسڪول ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان پٽيوالي پاران زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ٽنڊوالھيار شيخ ڀريو روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، مير محمد دل ۽ ٻين الزام ھنيو ته سندن نياڻي  .(ح) سان اسڪول جي پٽيوالي پير بخش گهمراڻي ڪجهه ڏينهن اڳ به نامناسب حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اسڪول انتظاميا کي آگاھ ڪيو هو، اڄ ٻيهر ساڳي شخص پاران ڇوڪري کي مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسڪول انتظاميا ڪو به قدم نه کنيو، جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، پوليس پھچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ڪامياب نه ٿيون. ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، ايس ايڇ او علڻ عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف وومين ٿاڻي ٽنڊوالھيار تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي، گرفتار جوابدار کي وومين ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.