تهران (م ڊ) ايران پاران آمريڪا سان جاري ڳالهين دوران پنهنجا منجمد ڪيل اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سرڪاري رپورٽن ۽ معاشي ماهرن موجب، ايران جا سڄي دنيا ۾ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا اثاثا مختلف بينڪن ۾ منجمد آهن. هي اهي رقمون آهن جيڪي ايران تيل جي وڪري ۽ ٻين ذريعن مان حاصل ڪيون هيون، پر آمريڪي ۽ عالمي پابندين سبب اهي غير ملڪي بينڪن ۾ روڪيون ويون آهن. ياد رهي ته ايران تي پابندين جو سلسلو 1979ع کان شروع ٿيو هو، جيڪو جوهري پروگرام سبب وڌيڪ سخت ڪيو ويو. رپورٽن مطابق، ايران جا سڀ کان وڌيڪ اثاثا چين ۾ موجود آهن، جن جي ماليت گهٽ ۾ گهٽ 20 ارب ڊالر آهي. ڀارت ۾ 7 ارب، عراق ۾ 6 ارب، قطر ۾ 6 ارب ۽ جاپان ۾ 1.5 ارب ڊالر منجمد آهن. آمريڪا وٽ پڻ ايران جا تقريباً 2 ارب ڊالر موجود آهن، جڏهن ته يورپي ملڪ لگسمبرگ ۾ 1.6 ارب ڊالر روڪيل آهن.