ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي جي مک رستي شاهراهه فيصل تي لڳايل تڪراري بينرن سوشل ميڊيا تي نئين بحث ۽ سخت ردعمل کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ محترمه فاطمه جناح ۽ فريال تالپور کي ’نظرياتي ڀينرون‘ قرار ڏنو ويو آهي. شاهراهه فيصل جي پولن تي لڳايل انهن بينرن تي مادرِ ملت فاطمه جناح ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جون تصويرون لڳل آهن، جن تي لکيل آهي ته ”نظرياتي ڀينرون، فاطمه جناح کان فريال ٽالپر تائين“. انهن بينرن جون تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين پاران ان تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته فاطمه جناح جي شخصيت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ مناسب ناهي. سوشل ميڊيا واپرائيندڙن جو چوڻ آهي ته فاطمه جناح هن قوم جي عورتن لاءِ هڪ رول ماڊل آهي ۽ سندس جاءِ ٻيو ڪوبه نٿو وٺي سگهي. ڪجهه واپرائيندڙن ان کي سياست چمڪائڻ جو غير سنجيده طريقو قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته اهڙا بينر فوري طور هٽايا وڃن. رپورٽن موجب، اهي بينر فريال ٽالپر جي سالگرهه جي موقعي تي لکيل ڪتاب ”نظرياتي ڀينرون“ جي مهورتي تقريب جي مشهوري لاءِ لڳايا ويا آهن.