پاڻ فطرت جي ويجهو اُسريا آھيون، جتي پرهه ڦٽيءَ مهل پکين جون لاتيون ھونديون ھيون، جڏھين سورج جا سونا ڪرڻا ڌرتيءَ جي چؤڏسائن ۾ ڦهلجي ويندا ھئا، تڏھن منهنجو پاڙيسري نثار جتوئي پنهنجي ٽيپ رڪارڊر آن ڪندو ھو، ھن کي جگجيت سنگهه سان عشق ھيو، ان وقت تائين شايد ئي ڪو اھڙو گيت ھوندو جگجيت جو، جيڪو ھن وٽ نه ھجي، پر الائي ڇو ھو ھر ٻيئي، ٽئين ڏينهن اجازت فلم جي ڪيسٽ لڳائي ڇڏيندو ھو، ان ڪيسٽ ۾:
” ميرا ڪچ سامان تُمهاري پاس پڙا“
”ڇوٽي سي ڪهاني سي، بارشون ڪي پاني سي“
”خالي ھاٿ شام آئي ھي“
”قطرا قطرا جيني دو“
جهڙا گيت ھئا، سو پاڻ ھهڙا گيت ٻڌي ٻڌي وڏا ٿيا آھيون، اُھي گيت جَي ليجنڊري آشا ڀوسلي ڳايا ھئا، اُھا آشا ڀوسلي جا ننڍي کنڊ جي وڏي گلوڪارا لتا منگيشڪر جي ننڍي ڀيڻ ھئي، جنهن ساري ڄمار ڌنن جي وچ ۾ گهاري، جنهن جا گيت لهرون بڻجي سرحد جي ٻنهي پاسي امن جي آشائن جيان اُڏمندا رھيا، اڄ اُھو آواز ته هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو آھي، پر لاشعور ۾ واسو ڪري ويل اُھي ھڙئي يادون ھاڻ ھوريان ھوريان من مان چيرجي ٻاھر نڪري رهيون آھن. مان ماضيءَ ڏانهن موٽي وڃان ٿو.
ڳوٺن ۾ جنوريءَ جي سرد صبح ۽ ڪوھيڙي ۾ ويڙهيل اھا زندگي، رڳو اُھي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جن فطرت جي ھنج ۾ ھوش سنڀاليو ھوندو، ان فطري ماحول ۾ پنهنجي ننڍپڻ جا حسين ترين لمحا قيد آھن، پر شايد ” ميرا ڪچ سامان تُمهاري پاس پڙا ھي“ اجازت فلم جي سڃاڻ آھي، اھڙو گيت جنهن ۾ وڇڙڻ جو احساس آھي، پر ڏاڍو نرم احساس، جي ڪوئي اھو احساس محسوس ڪري ته شديد کان شديد تر آھي
ھوءَ سورنهن سالن جي ھئي جڏھن ھن گڻپت رائو ڀوسلي سان گهران ڀڄي شادي ڪئي ھئي، جنهن تي لتا ھن کان خفا ٿي ويئي ھئي، ڪيئي سال گذري ويا، پوءِ سٺ جي ڏهاڪي ۾ اھا شادي ناڪامي تي ختم ٿي، ان دوران آر ڊي برمن جو لتا منگيشڪر کان رسڻ آشا ڀوسلي لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو ۽ ھوءَ سندس سٿ جي ساٿي ۽ اڳتي ھلي جيون ساٿياڻي بڻي.
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رھيو، سُر سنگيت جون ڌارائون مَٽجي ويون، پر آشا ڀوسلي جي آواز جي توانائي اڳ کان ڪجهه سرس ئي رھي، جتي ڪيئي گلوڪار ۽ موسيقار پراڻن گيتن جي ري ميڪس ٺاھڻ تي رسي ويا، اُتي ھن دل سان نئين دور کي قبوليو، ھن جيڪو ڪرڻ چاھيو ھو ڪيو، ھن آر ڊي برمن سان پيار ۽ پرڻو ڪيو ھو، لتا منگيشڪر جهڙي ھماليا جبل جي ڇانوَ مان نڪري ھن پنهنجي ڌار سڃاڻ ٺاھي ھئي، پر ھاڻ ھوءَ ھڪ سئو سورنهن چنڊ جون راتيون، ڪَنڌ جو تِرُ، آلي مهنديءَ جي خوشبو، ڪوڙا، سوڙا ڏوراپا ۽ ڪجهه واعدا سڀ دفنائي، گهريءَ ننڊ ۾ ھلي ويئي آ.