آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين جي ناڪامي ڪنهن اوچتي يا حيران ڪندڙ صورتحال جو نتيجو نه آھي بلڪه اها اڳواٽ ئي ظاهر هئي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بنيادي اختلاف ايترا گهرا آهن جو ڪنهن فوري معاهدي تائين پهچڻ ڏکيو هوندو، پر تنھن ھوندي پاڪستان جون ڪوششون ٻنھيءَ ڌرين کي ھڪ ميز تي آڻي جنگ بند ڪرائڻ وڏي ڳالهھ آھي جيڪو قدم تاريخ جي ورقن ۾ سونھري حرفن سان لکيو ويندو. اسلام آباد ۾ ٿيل 21 ڪلاڪن تي ٻڌل ڳالهين کان پوءِ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو بيان هن حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو ته باوجود ڪجهه معاملن تي جزوي مفاهمت جي، اهم ۽ حساس نُڪتن تي اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو۔ خاص طور تي آبنائي هرمز ۽ ايران جي جوهري پروگرام جهڙا موضوع، جيڪي ٻنهي ڌرين لاءِ اسٽرٽيجڪ اهميت رکن ٿا، اڃا تائين تڪرار جو مرڪز بڻيل آهن۔
ان ڪري ڳالهين جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي اها ڳالهھ واضح ٿي چڪي هئي ته عمل اڳتي وڌڻ باوجود نتيجي تائين نه پهچندو۔ تيئن آچر جي صبح آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي اسلام آباد مان واپسي به هن عمل جي علامتي پڄاڻي هئي، جنهن سان گڏ ڪيترائي اهم سوال اڀري سامهون آيا۔ اها سفارتي ڪوشش بظاهر ناڪام نظر اچي ٿي، پر ان کي مڪمل طور ناڪامي قرار ڏيڻ به درست نه ٿيندو، ڇو ته ڳالهين جو عمل پاڻ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، ممڪن آھي ته اھي ڳالھيون وري ٿين مٿين شرطن تي ڌريون ڪو لچڪ پيدا ڪن. ڏٺو وڃي ته پھلوي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ھڪ وڏي بي اعتمادي جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، جنهن کي مختصر وقت ۾ ختم ڪرڻ ممڪن ناهي۔ اهڙي پسمنظر ۾ پاڪستان جو ڪردار خاص اهميت اختيار ڪري ٿو، جتي هن رڳو ميزبان طور نه پر ٽياڪڙي هم آهنگ ۽ اعتماد جي بحاليءَ لاءِ پل جو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
ڳالهين جا ٽي بنيادي محور واضح طور سامهون آيا، مستقل جنگبندي، آبنائي هرمز جي کليل حيثيت، ۽ ايران جي جوهري پروگرام بابت خدشا۔ آمريڪا لاءِ ايران کي جوهري هٿيارن جي حصول کان روڪڻ بنيادي ترجيح رهي آهي، جڏهن ته ايران هن معاملي کي پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي سان ڳنڍي ٿو۔ اهو بنيادي تضاد ئي ڳالهين ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو، جي ڊي وينس جي پريس ڪانفرنس ۾ به هن تضاد جو اظهار نظر آيو، جتي هن ڳالهين کي هڪ مثبت قدم قرار ڏيندي ساڳي وقت معاهدي تائين نه پهچڻ کي ناڪامي تسليم ڪيو۔ سندس لهجي مان اهو واضح ٿيو ته آمريڪا دٻاءُ واري حڪمت عملي جاري رکڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڳالهين جا دروازا به مڪمل طور بند نٿو ڪرڻ چاهي۔
ڳالهين جو ڍانچو به منظم ۽ مرحليوار رهيو۔ شروعاتي مرحلي ۾ ايجنڊا طئي ڪئي وئي، ٻئي مرحلي ۾ سڌيون ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي مسودن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ اهو عمل ظاهر ڪري ٿو ته ٻنهي ڌرين سنجيدگي سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سياسي ۽ اسٽرٽيجڪ اختلافن اڳڀرائي کي محدود ڪري ڇڏيو۔ ان دوران اعليٰ سطح تي رابطن جو جاري رهڻ به هڪ اهم عنصر رهيو، جيڪو هن ڳالھه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته حتمي فيصلا اڃا تائين اعليٰ قيادت جي هٿ ۾ آهن ۽ ڳالهين ۾ شامل وفدن وٽ مڪمل اختيار موجود نه هئا۔
اسحاق ڊار جو بيان هن سڄي عمل کي هڪ وسيع سفارتي حڪمت عمليءَ جي تسلسل طور پيش ڪري ٿو، جتي پاڪستان ڳالهين کي جاري رکڻ ۽ جنگبندي کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڏيکاريو آهي۔ هاڻي صورتحال جو اهم پهلو جنگبندي جي بقا آهي۔ عارضي جنگبندي، جيڪا سفارتي ڪوششن سان حاصل ڪئي وئي، اڃا تائين نازڪ مرحلي ۾ آهي۔ جيڪڏهن ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو ته اهو امڪان موجود آهي ته اها جنگبندي ڊگهي مدي واري استحڪام ۾ تبديل ٿي سگهي، ٻي صورت ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي سگهي ٿي۔
اسلام آباد ۾ ٿيل هي ڳالهين جو دور ڪنهن حتمي نتيجي کان وڌيڪ هڪ عمل جي شروعات طور ڏسڻ گهرجي۔ سفارتڪاريءَ ۾ اهڙا مرحلا عام هوندا آهن، جتي فوري نتيجن بدران اڳڀرائي کي اهميت ڏني ويندي آهي۔ موجوده صورتحال به انهيءَ تسلسل جو حصو آهي، جتي ڪاميابي جو دارومدار صبر، مستقل مزاجي ۽ سياسي ارادي تي ٻڌل ھوندو آهي۔