ايران، سعودي عرب جي اثر هيٺ مجبور ۽ ڄڻ يرغمال بڻيل پاڪستان تي ڀروسو ڪندي، آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پنهنجو هڪ وڏو اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد موڪليو، جيڪو اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيت جي زخمن سان چور ايران جي سفارتي مهارت ۽ امن لاءِ سنجيدگي جو اظهار هو۔ ايران کي هڪ غاصب حملي ڪندڙ سان ڳالهين تي راضي ڪرائڻ ۾ پاڪستان به وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو۔ انهن ڳالهين ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪا جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جڏهن ته صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ ٽرمپ جو دوست ۽ گالف ساٿي اسٽيڦ وِٽڪاف اسرائيل جي نمائندگي ڪري رهيا هئا۔ اهو ايرانين جي وڏي ظرف ۽ سياسي توڙي سفارتي بصيرت جو ثبوت آهي ته اهي ٻيهر انهن صهيونين سان ويهڻ لاءِ تيار ٿيا، جن گذريل هڪ سال دوران اسرائيل جي اشاري تي ٻه ڀيرا ايران کي دوکو ڏنو هو۔ اهي ٻئي اسرائيل نواز ڪردار ايران تي تازن غيرقانوني حملن جا ذميوار پڻ آهن۔
ايران ميدانِ جنگ ۾ پنهنجي تاريخي ۽ ناقابل يقين فتح جا نتيجا ڳالهين جي ميز تي وڃائڻ نٿو چاهي، تنهن ڪري هن هڪ هارايل جارح ملڪ ۽ ان جي ساٿين جون اهي شرطون قبول نه ڪيون، جيڪي ايران جي قومي مفاد جي خلاف هيون۔ ڳالهين دوران جڏهن ايران آمريڪا آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪاوڙ ۾ اچي ايران جي سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته آمريڪي بحريه ڪنهن به آئل ٽينڪر يا جهاز کي آبنائي هرمز مان گذرڻ نه ڏيندي۔ اها ڌمڪي پاڻ ۾ غيرقانوني ۽ کليل ڏاڍائي آهي، جيڪا آمريڪا ۽ مغرب جي روايت بڻيل آهي۔ اهڙي ذهنيت جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي هڪ مضمون ۾ به ٿيو، جنهن ۾ ايران جي وفد تي حملو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي۔ سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي نيوي چين جي جهازن کي به روڪيندي؟ ڏسڻو اهو آهي ته ٽرمپ پنهنجي هن ڌمڪي تان ڪڏهن پوئتي هٽي ٿو يا چين سان به ٽڪراءُ وٺي ٿو۔
هن وقت ايران مضبوط پوزيشن ۾ آهي، ۽ جيڪڏهن هو ڪجهه هفتا وڌيڪ آبنائي هرمز تي ڪنٽرول برقرار رکي ٿو ته آمريڪا کي ايران جون شرطون مڃڻيون پونديون۔ پر ان دوران اسرائيل سعودي عرب خلاف ڪا ڪارروائي ڪري ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽڪراءُ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان کي به ايران خلاف بيهڻو پئجي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اهو به نه ٿيو ته آخري حربو طور ايران تي ايٽمي حملو به ٿي سگهي ٿو۔ پاڪستان جي معيشت وڏي حد تائين سعودي عرب تي دارومدار رکي ٿي۔ پاڪستان جي زرمبادله ذخيرن ۾ موجود 12 ارب ڊالرن مان پنج ارب سعودي عرب، چار ارب چين ۽ ٽي ارب يو اي اي جا آهن۔ انهن کانسواءِ پاڪستان ڏيوالو ٿي سگهي ٿو۔ پاڪستان وڌيڪ مالي سهولت لاءِ سعودي عرب کان وڌيڪ قرض ۽ تيل جي ادائيگي ۾ رعايت چاهي ٿو، جنهن جي بدلي ۾ سعودي عرب تحفظ جو مطالبو ڪري ٿو۔
ميڊيا رپورٽن موجب ايران تي حملي لاءِ آمريڪا کي ترغيب ڏيندڙن ۾ اسرائيل سان گڏ يو اي اي، سعودي عرب ۽ ڪويت به شامل هئا۔ شايد ان خطري سبب سعودي عرب اڳ ئي پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪيو، جنهن مطابق هڪ ملڪ تي حملو ٻئي تي حملو تصور ٿيندو۔ پاڪستان جو موجوده آرمي چيف عاصم منير سعودي عرب جي ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سبب سعودي عرب کي يقين آهي ته پاڪستان هر حال ۾ سندس ساٿ ڏيندو، ڀلي ان جو مطلب ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ ئي ڇو نه هجي۔ انهن سڀني دٻائن جي باوجود، ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن بعد پاڪستان انڌي حمايت نه ڪئي، بلڪه کليل مذمت ڪئي، جيڪا وڏي همت جي ڳالهه آهي۔
ايران پنهنجي خلاف جارحيت کي شاندار حڪمت عملي، جرئت ۽ قومي يڪجهتي سان ناڪام بڻايو ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت جواب ڏنو، جنهن عرب حڪمرانن کي به حيران ڪري ڇڏيو۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا جي پٺيان هلندڙ عرب حڪمران اکيون کولين ۽ ڏسن ته ڪيئن انهن کي استعمال ڪيو ويو آهي۔ انهن پنهنجي وسيلن کي تعليم، سائنس ۽ ترقي بدران عياشي ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي۔ لکين پاڪستاني سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا، پر انهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو۔ جڏهن ته آمريڪي ۽ يورپي ماڻهو اتي شاهاڻي زندگي گذارين ٿا۔
سعودي عرب ۾ 40 سيڪڙو آبادي غيرملڪي آهي ۽ آل سعود خاندان 1932ع ۾ اقتدار ۾ آيو، جيڪو اڄ تائين حڪمران آهي۔ شهزادو محمد بن سلمان ملڪ کي جديد بڻائڻ چاهي ٿو، پر ان لاءِ پرڏيهي پاليسي به بدلڻي پوندي۔ باوجود ان جي ته سعودي عرب وٽ آمريڪا ۾ وڏيون سيڙپڪاريون آهن، آمريڪا ان جي مڪمل حفاظت نه ڪري سگهيو آهي۔ پاڪستاني عوام سعودي عرب سان مذهبي وابستگي سبب گهڻي محبت رکي ٿو، پر سعودي عرب جو پاڪستان سان رويو برابري وارو هجڻ گهرجي۔
جيڪڏهن سعودي عرب پاڪستان کان دفاع چاهي ٿو ته ان کي به پاڪستان سان انصاف ڪرڻو پوندو۔ پاڪستان کي رڳو قرض ڏيڻ بدران برابر جي سطح تي لاڳاپا رکڻ گهرجن۔ پاڪستان کي هاڻي همت سان سعودي عرب سان برابري جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي ۽ پنهنجا مفاد اڳيان رکڻ گهرجن۔ سو جيڪڏهن پاڪستان، ايران، چين ۽ روس گڏجي هڪ اتحاد ٺاهين ته اهو دنيا جو سڀ کان طاقتور ۽ خوشحال بلاڪ بڻجي سگهي ٿو۔