آخر اسان جا تعليمي ادارا شاگردياڻين کي تحفظ ڇو نه ڏئي سگهيا آهن؟

ميرپورخاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينا آپگهات واري واقعي سڄي سنڌ کي ڳڻتي ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ نوجوان شاگردياڻي، جيڪا پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان مستقبل ۾ ڊاڪٽر بڻجڻ جا خواب ڏسي رهي هئي، آخر اهڙي ذهني دٻاءُ، خوف ۽ مايوسي جو شڪار ڇو ٿي جو کيس پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جهڙو انتهائي سخت قدم کڻڻو پيو؟ هي سوال صرف فهميده لغاري جي خاندان جو نه، پر سڄي سماج، تعليمي ادارن ۽ حڪومت جي ضمير کي به شرمائي سگهڻ وارو آهي.

واقعي کان پوءِ وارثن پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي ڪجهه استادن، شاگردن ۽ انتظاميا تي سنگين الزام هنيا ويا آهن. فريادي موجب فهميده لغاري ڪاليج اندر هراسمنٽ، بليڪ ميلنگ ۽ دٻاءُ جو شڪار هئي. الزام اهو به آهي ته کيس مارڪن ۽ ٻين معاملن ۾ فائدو ڏيڻ جي آڙ ۾ ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ مجبور ڪيو پئي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته فهميده پنهنجي والدين، ڀيڻ ۽ ٻين مائٽن سان گڏوگڏ ڪاليج جي انتظاميا کي به ان بابت شڪايتون ڪيون هيون، پر افسوس جو انهن شڪايتن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو. جيڪڏهن وقت سر مناسب قدم کنيا وڃن ها ته شايد هڪ نوجوان شاگردياڻي اهڙو انتهائي قدم نه کڻي ها.

فهميده لغاري جي جنازي ۾ شهر جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا ان ڳالهه جي علامت آهي ته هي واقعو رڳو هڪ خاندان جو نه، پر پوري سماج جو سانحو بڻجي ويو آهي. سوين آلين اکين سان جڏهن کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ته هر ماڻهو جي دل ۾ اهو سوال گونجي رهيو هو ته آخر اسان جا تعليمي ادارا شاگردياڻين کي تحفظ ڇو نٿا ڏئي سگهن؟ اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته تعليمي ادارا صرف علم ڏيڻ جا مرڪز ناهن، پر اهي شاگردن جي شخصيت، اعتماد ۽ تحفظ جا اهم ادارا آهن. جيڪڏهن انهن ادارن اندر شاگردياڻيون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ته اهو پوري نظام لاءِ هڪ وڏو الميو آهي. هراسمنٽ جا واقعا رڳو هڪ فرد کي نه پر پوري سماج کي متاثر ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪيو وڃي، کيس مارڪن يا ڪيريئر جي نالي تي دٻايو وڃي ته اهو صرف اخلاقي جرم نه پر هڪ سنگين سماجي ڏوهه پڻ آهي.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن مان وقت بوقت اهڙيون شڪايتون سامهون اينديون رهيون آهن. شاگردياڻيون ڪڏهن استادن، ڪڏهن انتظاميا ۽ ڪڏهن ساٿي شاگردن جي طرفان هراسمنٽ جو شڪار ٿين ٿيون. گهڻين حالتن ۾ متاثر ڇوڪريون بدنامي جي خوف سبب خاموش رهڻ تي مجبور ٿين ٿيون. ڪجهه حالتن ۾ جڏهن هو شڪايت ڪن ٿيون ته سندن شڪايتن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويندو آهي يا معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

فهميده لغاري جو واقعو پڻ اهڙين ئي حالتن جي نشاندهي ڪري ٿو. جيڪڏهن واقعي سندس شڪايتن تي ڪاليج انتظاميا ڌيان ڏنو هجي ها، شفاف جاچ ڪئي وڃي ها، کيس تحفظ ۽ انصاف جو يقين ڏياريو وڃي ها ته شايد هوءَ پنهنجي قيمتي زندگيءَ جو ايئن ڏيئو نه اجهائي ها. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سماجي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو چئي رهيا آهن ته هراسمنٽ جي ڪري ڪنهن کي اهڙي حد تائين پريشان ڪرڻ، جو هوءَ پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي، اهو دراصل قتل جي برابر آهي.

واقعي کان پوءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران پڻ سخت ردعمل سامهون آيو آهي. ڪيترن اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هراسمنٽ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري شاگردياڻين ۾ خوف پيدا ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال جاري رهي ته والدين پنهنجي ڌيئرن کي اعليٰ تعليم لاءِ ادارن ڏانهن موڪلڻ کان به هٻڪ محسوس ڪندا، جيڪا هڪ وڏي سماجي ۽ تعليمي پسماندگي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

خوش آئند ڳالهه اها آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ پوليس پاران پڻ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. صوبائي وزيرن پاران پڻ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. اهڙن قدمن سان اميد پيدا ٿئي ٿي ته شايد هن معاملي جي حقيقت سامهون اچي سگهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا صرف نوٽيس وٺڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو؟ ماضي ۾ به ڪيترن واقعن تي نوٽيس ورتا ويا، ڪميٽيون ٺهيون، جاچون ٿيون، پر ڪيترائي ڪيس وقت گذرڻ سان وسري ويا. جيڪڏهن فهميده لغاري جي ڪيس ۾ به ساڳيو ٿيو ته اهو انصاف سان وڏو ظلم هوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن واقعي جي مڪمل، آزاد ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪو به شخص، استاد هجي يا شاگرد، انتظاميا سان لاڳاپيل هجي يا ٻيو ڪو، هراسمنٽ ۾ ملوث ثابت ٿئي ته کيس قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. اهڙي مثال قائم ٿيڻ سان ئي ٻين کي به سبق ملندو. ان سان گڏ تعليمي ادارن اندر هراسمنٽ خلاف واضح ۽ مضبوط نظام قائم ڪرڻ جي به ضرورت آهي. هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هراسمينٽ شڪايتن لاءِ بااختيار ڪميٽيون هجڻ گهرجن، جتي شاگردياڻيون بغير ڪنهن خوف جي پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهن. انهن ڪميٽين کي مڪمل اختيار ۽ خودمختياري هجڻ گهرجي ته جيئن هو شفاف انداز ۾ جاچ ڪري سگهن.

ساڳي وقت والدين، استاد ۽ سماج کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن سان کليل گفتگو رکن ته جيئن جيڪڏهن کين ڪنهن به قسم جي تڪليف يا دٻاءُ جو سامنا ٿئي ته هو بنا خوف جي ٻڌائي سگهن. استادن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي ته هو صرف علم ڏيڻ جا ذميوار ناهن، پر شاگردن جي عزت، تحفظ ۽ اعتماد جا محافظ پڻ آهن. فهميده لغاري جو واقعو اسان سڀني لاءِ هڪ تلخ سبق آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به اکين تي پٽيون ٻڌي ويٺا رهياسين ته شايد اهڙا واقعا ٻيهر به ٿيندا. ان ڪري حڪومت، تعليمي ادارن ۽ سماج کي گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو جتي شاگردياڻيون پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.