ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي ٽئين سال جي شاگردياڻي، ڊاڪٽر فهميده لغاري، مبينا طور تي استادن جي هراسمينٽ کان تنگ اچي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا اسان جي نظام تي وڏو سواليه نشان آهن. سچ پچ ته ميڊيڪل جي ذهين ۽ سدائين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي لاش ملڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي۔شروعاتي طور هن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي، پر بار بار اهڙن واقعن کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو، تنهنڪري حقيقت کي سامهون آڻڻ نهايت ضروري آهي۔
ڪنهن يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ سان هي ڪو پهريون واقعو ڪونهي، هن کان اڳ سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن پر وقت گذرڻ سان انهن واقعن تي پردو وجهي ماٺ ڪرايو ويو آهي جيڪو پڻ هڪ وڏو ظلم آهي ۽ هي بگهڙ وري ڪنهن ٻي نياڻيءَ جو شڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا۔
فهميده لغاري جي وارثن پاران جيڪي سنگين الزام لڳايا ويا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ڇوته فهميده لغاري جي خودڪشي صرف هڪ انفرادي واقعو ناهي پر اها اداري جي ناڪامي، استادن جي مبينا زيادتي ۽ شاگردن جي ذهني تحفظ ۾ کوٽ جو کليل ثبوت آهي۔ جيڪڏهن استاد طرفان هراسمينٽ جا الزام سچا ثابت ٿين ٿا ته اهو نه صرف اخلاقي ڏوهه آهي، پر پاڪستان جي قانون تحت سنگين فوجداري جرم پڻ آهي، جنهن تي سخت ترين ڪارروائي ٿيڻ لازمي آهي۔هن وقت سنڌ اندر تعليمي ادارا صرف ڊگريون ڏيڻ جا مرڪز آهن۔جڏهن ته اھي شعور ۽ ڪردار جي تحفظ جا قلعا هجڻ گهرجن پر ڪيترن ئي واقعن ٿيڻ بعد به انهن ادارن اندر استاد جي نالي ۾ ويٺل ڪجھه وحشي ڪردار پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي شاگردياڻين جي عزتن کي داغدار ڪري سندن مستقبل سان کيڏن ٿا اهڙن بدبودار ڪردارن کي استاد چوندي به شرم ٿو اچي۔ آخر اهڙن معصوم نياڻين جي خوابن کي چڪناچور ڪندڙن خلاف سرڪار توڙي انتظاميا قدم ڇو نه ٿي کڻي۔سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نائلا رند کان ويندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نمرتا ڪماريءَ تائين سمورا سور سامهون هوندي به اسان وقتي طور غم جو اظهار ڪري ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ واري پاليسيءَ کي اکين تي رکي وڌندا رهون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ وري ٻي نياڻي نانگن هٿان ڏنگجي وڃي ٿي۔ ميرپور خاص جي فھميدہ لغاري به انهيءَ ساڳئي زهريلي نانگ جي ڏنگ جو شڪار بڻجي ويئي ۽ اسان ساڳيا ڳوڙها ڳاڙي نئون تڏو وڇائي ويٺا آهيون۔ آخر اهڙا المناڪ واقعا ڪيستائين ڏسندا رهنداسين۔ڪيستائين شاگردياڻيون اڪيلائپ، دٻاءَ ۽ ناانصافي جو کاڄ بڻجنديون رهنديون۔سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون اڄ به غير محفوظ آهن۔ ڪيترين ئي جڳهن تي ادارن اندر ويٺل بااثر ماڻهن طرفان هراسمينٽ جا واقعا سامهون اچن ٿا۔ جيڪڏهن اهڙا عمل جاري رهندا ته پوءَ ڪابه نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ پسند نه ڪندي
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي سماج مردن جو آهي ڀلي اسيمبلين مان عورتن جي حقن لاءَ هزارين بل پاس ٿين پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ڇوته اهڙن وحشين پٺيان ڪنهن نه ڪنهن وڏيري سرمائيدار يا سياسي ماڻهوءَ جو هٿ ضرور هوندو۔ اسان وٽ ظلم اهو آهي ظالم جي لاءَ هزارين ماڻهو اڳيان ايندا آهن پر مظلوم لاءِ ڪوبه اڳتي ناهي ايندو
والدين پنهنجي نياڻين تي اعتماد ڪري اعليٰ تعليم لاءَ اڳتي موڪلين ٿا ته انهن نياڻين جي زميواري به آهي ته والدين سان هر ڳالهه شيئر ڪن۔ اڄ تڏي تي ويهي ڳوڙها ڳاڙي اهو وچن پيا ڪيو ته اسان آخري حد تائين ان وحشي درندي خلاف جنگ وڙهنداسين۔ جيڪڏهن اها جنگ فهميده سان گڏ ڏسندس زندگيءَ ۾ وڙهو هان ته شايد فهميده سان گڏ هزارين ٻين نياڻين جو مستقبل به محفوظ ٿي پوي هان۔فهميده لغاريءَ جو قتل صرف هڪ شاگردياڻي جو معاملو ناهي، پر سنڌ جي هر نياڻيءَ جي عزت، تحفظ ۽ مستقبل جو سوال آهي۔جيڪڏهن هن ڪيس کي دٻائڻ يا نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها حڪومت جي ناڪامي سمجهي ويندي، ۽ اهڙي لاپرواهي مستقبل ۾ وڌيڪ زندگيون تباهه ڪري سگهي ٿي۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نياڻين جي عزتن جي حفاظت لاءَ اڳتي وک وڌايون ۽ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر استاد جي روپ ۾ وحشي درندن خلاف محاذ قائم ڪريون ۽ انهن کان نجات حاصل ڪري تعليمي ادارن کي دهشت ۽ وحشت کان پاڪ ڪريون۔