مُند، مينھنَ، پاڻي ۽ گرمي

محمد احسان لغاري

پاڪستان جي موسمياتي کاتي پاران ايندڙ خريف لاءِ بھتر اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔ زرعي شعبي سان لاڳاپيل آبادگارن، ھارين نارين  لاءِ ڀلي خبر آھي.مالڪ جي مھر سان پاڻي جي مقدار جا انومان  واڌو آھن۔  6 اپريل 2026ع تي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي صلاح ڪاري ڪميٽيءَ  آڏو پيش ڪيل تفصيلي بريفنگ دوران لاهور ۾ فلڊ فورڪاسٽنگ ( ٻوڏن جي اڳڪٿي ڪندڙ) ڊويزن جي چيف ميٽرولوجسٽ ڊاڪٽر ظهير احمد بابر ٻڌايو ته اپريل کان جون تائين ملڪ ۾ برساتون عام کان وڌيڪ ۽ گرمي پد به عام حالتن کان مٿي رهڻ جا چٽا امڪان آهن. اھو وقت خاص ڪري سنڌ ۾  خريف جي فصلن جي حوالي سان تمام گھڻي  اهميت وارو هوندو آهي، جنهن ۾ آبادگار چانور، ڪپهه، ڪمند، مڪائي ۽ ٻين اونهاري جي فصلن جي پوک لاءِ تياريون ڪندا آهن. اهي فصل نه رڳو ملڪي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا، پر لکين گهرن جي روزگار جو دارومدار به انهن تي ئي هوندو آهي.

مارچ 2026ع جو مهينو، پڄاڻي تي واڌو مينھن وسائي ويو آھي. انھي مارچ ۾ سڄي ملڪ ۾ هن ڀيري سراسي کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون۔  ملڪي  سطح تي برسات جو مقدار 24 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. سنڌ صوبي ۾ سڀ کان جھجھي واڌ 129 سيڪڙو ڏٺي وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ پڻ 57 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. خاص طور تي بلوچستان ۾ مارچ جي آخري هفتي دوران اولھ واري ھوائن (ويسٽرن ڊسٽربنسز) سبب ٿيل زوردار برساتن انهن علائقن لاءِ سوڪھڙي جو انت آڻي ڇڏيو؛  جتي آبپاشي واري  واهن جو نظام موجود ناھي ۽ جن جو مڪمل ڀروسو برساتن تي هوندو آهي.  مڪران/ ساحلي بلوچستان، جنهن ۾ گوادر، پسني، اورماڙا ۽ تربت شامل آهن، اتي انهن برساتن سان نه رڳو پاڻي جي کوٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر تلائن، ننڍن ڊيمن ۽ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح پڻ بهتر ٿي وئي آهي. اورماڙا ۾ باسول ڊيم ۾ برساتي پاڻي جو پهريون وڏو وهڪرو اچڻ، ساحلي پٽي لاءِ پاڻي جي فراهمي جو هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، ڇو ته اتي جي مقامي آبادي گهڻو ڪري برساتي پاڻي تي ئي گذارو ڪري ٿي.

هاڻ جڏهن اسان اپريل، مئي ۽ جون جي مهينن تي نظر وجهون ٿا، جيڪي خريف مند جي شروعاتي ۽ بنيادي عرصي تي مشتمل آهن، ته پاڪستان جي موسمياتي کاتي (PMD) جي رپورٽ مطابق ملڪ جي اڪثر حصن ۾ برساتون عام کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. خاص طور تي اولهندي ۽ اترين علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جن ۾ خيبر پختونخوا جا مرڪزي، اولهندا ۽ ڏاکڻا علائقا، پنجاب جا اولهندا حصا، گلگت بلتستان جا اولهندا علائقا ۽ بلوچستان جا اتر وارا حصا شامل آهن. ان سان گڏوگڏ اوڀر سنڌ  ( ٿرپارڪر ۽ لاڙ) ۾ به عام کان وڌيڪ برساتن جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. اهي برساتون سنڌو درياھي نظام لاءِ اهم ثابت ٿينديون، ڇاڪاڻ ته ان مينھن جي ڪري  درياھن ۾ بھتر آڳاٽا وھڪرا ايندا ۔ تربيلا توڙي منگلا جهڙن وڏن ذخيرن کي ڀرڻ ۾ مدد گار ٿيندا. اڄ جي تاريخ ۾ ڊئمن ۾ ساڍا ٽي ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آھي، جيڪو آڳاٽي خريف جي ضرورتن لاءِ آٿت آھي۔ ھيل اعلان ڪيل پندرھن سيڪڙو واري آڳاٽي خريف لاءِ کوٽ اڃان بہ گھٽ ٿيندي۔

ساڳئي وقت، ملڪ ۾ گرمي پد پڻ عام حالتن کان وڌيڪ رهڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي. خاص طور تي اترين علائقن، جهڙوڪ گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اتر خيبر پختونخوا ۾ گرمي پد ۾ نمايان واڌارو ٿيڻ جا امڪان آهن. اڄ بہ اسڪردو 20 ڊگري سي کان وڌي چڪو آھي؛ جنھن جو مطلب ته برف پگھرڻ جو عمل تيز ٿيندو ۽ سنڌو ۾ آڳاٽا وھڪرا اچڻ جا امڪان وڌندا۔ عالمي موسمي ماڊلز جي گڏيل جائزي (جنهن کي ٽرسائل پروبيبلٽي آئوٽ لُڪ چيو وڃي ٿو) موجب ملڪ جي لڳ ڀڳ سمورن علائقن ۾ وڌيڪ گرمي جو هڪ چٽو لاڙو موجود آهي، خاص طور تي ساحلي پٽي وارن علائقن ۾. سومر تيرھن اپريل کان لاڙ کان اتر تائين سنڌ ۾ گرمي جو پد 40 ڊگري سي تائين پھچندو!

چيف ميٽرولاجسٽ ٻن اهم عالمي موسمي نظامن بابت پڻ ڄاڻ ڏني، جيڪي پاڪستان جي مندن تي گهرا اثر ڇڏيندا آهن. انهن مان هڪ ايل نينو سدرن اوسيليشن (ENSO) آهي، جيڪو پيسفڪ سمنڊ/ بحر الڪاھل  ۾ ٿيندڙ هڪ قدرتي موسمي ڦيرو آهي. ان جون ٽي حالتون ٿينديون آهن: ايل نينو، جنهن ۾ سمنڊ جو گرمي پد وڌي ويندو آهي؛ لا نينا، جنهن ۾ گرمي پد گهٽجي ويندو آهي؛ ۽ نيوٽرل/ اڻ ڌُري حالت، جيڪا عام حالتن جي عڪاسي ڪندي آهي. عام طور تي جڏھن ايل نينو  واريون حالتون ھونديون آھن ته  پاڪستان ۾ خشڪ موسم ۽ ڪمزور چؤماسو ھوندو آهي، جڏهن ته لا نينا وڌيڪ برساتن جو سبب بڻجندي آهي. جڏهن ENSO نيوٽرل هجي ته ان جو موسم تي ڪو خاص اثر نه پوندو آهي.  ٻيو اهم نظام انڊين اوشن ڊائپول (IOD) آهي، جيڪو ھندي سمنڊ ۾ گرمي پد جي فرق سان لاڳاپيل آهي. واڌو IOD دوران ڏکڻ ايشيا ۾ وڌيڪ برساتون ٿينديون آهن، جڏهن ته منفي/ڪاٽو صورتحال ۾ برساتون گهٽجي سگهن ٿيون. هن وقت ENSO ۽ IOD ٻئي نيوٽرل/ اڻ ڌري حالت ۾ آهن، ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي موسمي اڳڪٿي ٻين علائقائي ۽ عالمي ماڊلز تي وڌيڪ ڀاڙيندي. موسمياتي کاتو انهن ٻنهي نظامن جي مسلسل نگراني ڪندو رھندو ۽ هر مهيني ان حوالي سان نڪور ڄاڻ ڏيندو رهندو.

انھي ميٽنگ ۾  پاڻي جي دستيابي بابت پڻ انتهائي اميد جوڳا انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن. اندازن موجب تربيلا ڊيم ۾ خريف 2026ع دوران پاڻي ايندڙ مقدار عام سراسي جيترو رهندو، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ وهڪرو تقريبن عام سطح تي رهڻ جو امڪان آهي. خريف جي شروعات ۾ ئي ذخيرن ۾ موجود مناسب پاڻي ۽ سنڌو سسٽم جي بهتريءَ سان واهن ۾ پاڻي جي وھڪرن کي مستحڪم رکندي ۽ شروع ۾ پيدا ٿيندڙ پاڻي جي کوٽ جي خدشن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندي.

اڳڪٿين مان ته لڳي ٿو ته ايندڙ مهينا فصلن جي پوک ۽ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي سازگار نظر اچي رهيا آهن. اولهندي ۽ اترين علائقن ۾ اڳڪٿي ڪيل وڌيڪ برساتون ۽ وڌندڙ گرمي پد گڏجي ابتدائي سوڪھڙي جي خطري کي ٽاري ڇڏيندا ۽ درياھن ۾ پاڻي جي وهڪري کي لڳاتار برقرار رکندا. بهرحال، موسمياتي کاتي پاران اها خبرداري پڻ ڏني وئي آهي ته موسم ۾ ڪنهن به وقت  تبديليون اچي سگهن ٿيون، تنهنڪري آبادگارن کي گهرجي ته اهي سرڪاري اڳڪٿين تي نظر رکن، آبپاشي جي شيڊول تي سختي سان عمل ڪن ۽ ڪجهه علائقن ۾ ممڪن تيز برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.

بهتر برساتن، وڌيڪ گرمي پد ۽ پاڻي جي ذخيرن جي مضبوط صورتحال جي گڏيل اثر سان نه رڳو آبادگارن جون اميدون وڌي ويون آهن، پر پاڻي جي انتظام ڪندڙ ادارن لاءِ پڻ هڪ متوازن ۽ اثرائتي رٿابندي جا امڪان پيدا ٿيا آهن. موسمياتي کاتو باقاعدگي سان بليٽن جاري ڪندو رهندو ته جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي آبادگارن کان وٺي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي زميندارن تائين، هرڪو پنهنجي زمينن جي رٿابندي مڪمل اعتماد سان ڪري سگهي. گرمي واري صورتحال ۾ اسان کي زمينن سان گڏ پنھنجي بچاءُ جا گس ڳولڻ گھرجن۔ وڻڪاري جي ھاڻوڪي موسم ته پوري ٿي، ھاڻ چؤماسي جي جوڀن ۾ وسيع وڻڪاري ڪجي ته ايندڙ ڪئي گرمين تي ڇنڊا وجھي سگھجن ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.