ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي سبب هلندڙ سال جو پهريون موت رپورٽ ٿيو، جڏهن متاثر ٿيل 20 سالن جي ڇوڪري کي 11 مارچ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ 16 مارچ تي علاج دوران فوت ٿي وئي، صحت کاتي جي ترجمان موجب فوت ٿيل ڇوڪري جو تعلق ڪراچي جي پي آءِ بي ڪالوني سان هو، سنڌ ۾ هن سال ڊينگي جا مجموعي طور 198 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان ڪراچي ڊويزن ۾ 163، حيدرآباد ڊويزن ۾ 24، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 8 ۽ سکر ۾ 3 ڪيس شامل آهن، جنوري کان 7 اپريل تائين سنڌ ۾ 20 هزار 123 ملييريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪراچي ۾ 184 ڪيس، حيدرآباد ڊويزن ۾ 7 هزار 765، سکر ڊويزن ۾ 2 هزار 205، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 5 هزار 468، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 1 هزار 957 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 2 هزار 544 ڪيس شامل آهن.