ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو، سنڌ انفيڪشن ڊزيز اسپتال جي ايم ايس موجب 22 ورهين جي نوجوان ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي، ايم ايس ٻڌايو ته مريض بفر زون جو رهواسي آهي، رپورٽ مثبت اچڻ کان پوءِ کيس آئسوليشن ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته متاثر شخص جي ڪا به سفري هسٽري سامهون نه آئي آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ ايم پاڪس جو پهريون ڪيس هلندڙ سال مارچ مهيني ۾ رپورٽ ٿيو هو.