ميرپور ماٿيلو(ن ع آ) 3 ڏينهن اڳ فنڪشنل ليگ سربراهه پير سائين پاڳارو اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي وٽ پهتو جنهن بعد ضلعي ۾ نئون سياسي بحث شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته صوبائي وزير عبدالباري پتافي واضع ڪيو هو ته پير پاڳارو سندس ڪيٽل فارم جو دورو ڪيو آهي ڪنهن به حوالي سان سياسي دورو نه هو نه وري ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي ان باوجود عبدالباري پتافي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر وٽ پهتو جنهن بعد ضلعي گهوٽڪي جي سياست تي گهري نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته پيرپاڳاري جو پ پ اڳواڻ وٽ اچانڪ دورو ۽ عبدالباري پتافي جو پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر وٽ پهچڻ غيرمعمولي آهي ڇو ته پيرپاڳارو سال ۾ هڪ ڀيرو دورن تي نڪري ٿو جڏهن ته 2 مهينا اڳ ضلعي گهوٽڪي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري چڪو آهي اهڙي صورتحال بعد ٻيهر ضلعي گهوٽڪي ۾ خاص طور تي عبدالباري پتافي وٽ پهچڻ ۽ کيس رات رهڻ جي دعوت ڏيڻ جو پسمنظر سياسي معاملا ئي ٿي سگهن ٿا ڀلي ظاهري طور تي ڪو سياسي معاملو نه هجي اهو ئي سبب آهي جو عبدالباري پتافي فوري طور تي ڪراچي پهچي پنهنجي صفائي پيش ڪئي آهي.
عبدالباري پتافي ضلعي ۾ سياسي طور اڪيلو؟
ميرپورماٿيلو: اڳوڻو صوبائي وزير سياسي طور اڪيلو، چونڊيل نمائندا هڪ طرف، چيئرمين شپ مان به کيس لاڀ نه ملي سگهيو. خبر موجب اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي کي سنڌ حڪومت پاران پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ جي چيئرمين شپ ڏني وئي ان باوجود سندس ڪاميٽي مڪمل طور تي فعال ناهي ٿي سگهي ڇو ته ڪاميٽي جا ميمبر ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ عبدالباري پتافي جي چيئرمين شپ هيٺ ويهڻ لاءِ تيار ناهن اهو ئي سبب آهي جو عبدالباري پتافي کي چيئرمين شپ مان به ڪو لاڀ ناهي ملي سگهيو نه وري ڪا نئين اسڪيم منظور ڪري سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي جي چونڊيل نمائندن پ پ قيادت کي به واضع ڪيو آهي ته هو باري پتافي جي چيئرمين شپ هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن جنهن سبب عبدالباري پتافي جي چيئرمين شپ به غيرفعال بڻجي وئي آهي
پ پ ۾ گروپ بندي،عبدالباري پتافي کي گهٽ لفٽ
ميرپورماٿيلو: ضلعي گهوٽڪي ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن جي گروپ بندي سبب عبدالباري پتافي کي لفٽ گهٽجي وئي. اهم ذريعن جو چوڻ آهي ايم اين اي علي گوهر خان مهر ۽ ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ جي اتحاد سبب عبدالباري پتافي کي لفٽ گهٽجي وئي آهي ۽ ڪيتري حد تائين چونڊيل نمائندن پ پ قيادت کي راضي ڪري ورتو آهي جنهن سبب باري پتافي پيرپاڳاري کي دعوت ڪري پ پ قيادت کي هڪ خاموش پيغام ڏنو آهي ڇو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ مريدي سبب پيرپاڳاري جو سٺو اثر رسوخ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالباري پتافي گذريل 2 حڪومت دوران صوبائي وزير رهيو سندس والد ايم پي اي احمد علي خان پتافي فوت ٿيو ۽ پيرپاڳارو به ضلعي ۾ ايندو رهيو پر عبدالباري پتافي سان ملاقات نه ٿيس هاڻي اوچتو پيرپاڳاري جي دوري کي غيرسياسي نه سمجهيو وڃي.