آيت الله خامنه اي جو چاليهو، ايران ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا

تهران (م ڊ) ايران جي دارالحڪومت تھران سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ لکين ماڻهن آيت الله سيد علي خامنه اي، اعليٰ فوجي  ڪمانڊرن ۽ ميناب اسڪول جي ٻارن جي چاليهي جي مناسبت سان ريليون ڪڍيون، ايراني ميڊيا موجب مرڪزي ريلي جمهوري اسڪوائر کان شروع ٿي ۽ آيت الله خامنه اي جي شهادت واري جاءِ تائين پهتي، ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ضلعن ۾ به اهڙيون ئي ريليون نڪتيون ۽ اجتماع ٿيا، ايراني صدر مسعود پزشڪيان به سيد علي خامنه اي جي چاليهي جي جلوس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هو عوام سان ملاقات ۾ شامل ٿيو ۽ شهرين سان گڏ سيليفيون به ڪڍرايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.