لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان آبناءِ هرمز جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه دوران اهم فوجي ۽ لاجسٽڪ معاملن تي بحث ٿيو.
ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ اڄ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولرائڻ واري منصوبي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مسئلي جي حل لاءِ ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، ڪيئر اسٽارمر نار ملڪن جي اڳواڻن ۽ فوجي ماهرن سان پنهنجي مشاورت کان آگاهه ڪيو.
ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ هو ته آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي آزداڻي چُر پُر بحال ڪرڻ نهايت ضروري آهي، برطانيا ان مقصد لاءِ ڀائيوار ملڪن کي هڪ عمل جوڳي منصوبي تي متفق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ موجب، ٻنهي اڳواڻن سامونڊي جهازن جي اچ وڃ جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ۾ جلد ٻيهر ڳالهه ٻولهه تي به اتفاق ٿيو.
You might also like