سياسي وفادارين جي تبديلي: سبب، نقصان ۽ نظرياتي بحران

سامي ميمڻ

سياست رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها نظريي، اصولن، عوامي مفادن ۽ تاريخي ذميوارين جو نالو  آهي. جڏهن ماڻهو ٻالڪپڻ مان نڪري جواني جي چائنٺ تي قدم رکي ٿو ته سندس شعور پختو ٿيڻ لڳندو آهي، هو صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ۽ پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا سوچ ويچار سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي طرح سياست ۾ داخل ٿيندڙ فرد کان به اها اميد رکي ويندي آهي ته هو جذباتي يا عارضي فائدن بدران نظرياتي بنيادن تي فيصلا ڪندو.پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ جي سياست ۾ اهڙا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود آهن، جيڪي بار بار پارٽيون بدلائين ٿا، نيون تنظيمون ٺاهين ٿا، وري ڇڏي ڏين ٿا، ۽ سياسي وفاداري کي ڪنهن ميلي يا درگاهه جي چادر وانگر بدلائين ٿا. اهڙي عمل نه صرف سياست کي غير سنجيده بڻائي ٿو، پر سياسي ڪارڪنن جي ساک ۽ عوام جي اعتماد کي به سخت نقصان پهچائي ٿو.

اهڙي عمل جو سڀ کان اهم سبب نظرياتي شعور جي کوٽ آهي. جڏهن ڪو ماڻهو سياست ۾ شامل ٿيندو آهي ته  ان وٽ سياسي نظريي، تاريخي پسمنظر ۽ عوامي مسئلن جي ڄاڻ گهٽ هوندي آهي ته هو جلد مايوس ٿي ويندو آهي. اهڙو ماڻهو ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندي ئي تڪڙا نتيجا چاهيندو آهي، ۽ جڏهن نتيجا نه ملندا ته ٻي پارٽي ڏانهن رخ ڪندو آهي.

نظرياتي سياست ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن سالن تائين جدوجهد ڪندا آهن، پر جيڪي ماڻهو مفادن جي بنياد تي سياست ۾ ايندا آهن، اهي جلد مايوس ٿي ڦرڻا گهرڻا شروع ڪندا آهن.ڪجهه سياسي ڪارڪن سياست کي عوامي خدمت بدران ذاتي ترقي جو ذريعو سمجهن ٿا. جڏهن انهن کي ڪنهن پارٽي ۾ عهدا، ٽڪيٽ يا مالي فائدو نه ملندو آهي ته اهي پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي ويندا آهن.اهڙي مثال پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي سياست ۾ عام آهن، جتي چونڊن کان اڳ وڏي انگ ۾ سياسي اڳواڻ پارٽيون بدلائيندا آهن. چونڊن کان اڳ سياسي وفادارين جو تبديل ٿيڻ اصل ۾ سياسي اصولن جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو.

ڪيترائي سياسي ڪارڪن قيادت سان ذاتي اختلافن سبب پارٽي ڇڏيندا آهن. نظرياتي سياست ۾ اختلاف راءِ فطري عمل آهي، پر جڏهن اختلاف ذاتي انا يا عهدي جي مسئلي تي هجن ته اها سياست کي نقصان پهچائيندي آهي.سياسي پارٽيون جمهوري ادارا آهن، جتي بحث مباحثو ٿيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪارڪن بحث بدران پارٽي ڇڏڻ کي حل سمجهي ٿو ته اهو ڪمزور سياسي ايمان جي نشاني آهي. سياست ڊگهي جدوجهد جو نالو آهي. وڏيون سياسي تحريڪون سالن جي جدوجهد کان پوءِ ڪامياب ٿينديون آهن. مثال طور سنڌ جي قومپرست تحريڪون مزدور تحريڪون شاگرد تحريڪون اهي سڀ ڊگهي عرصي تائين جدوجهد کان پوءِ پنهنجو اثر قائم ڪري سگهيون.پر جڏهن ڪو سياسي ڪارڪن چند مهينن ۾ نتيجا چاهي ٿو ته مايوس ٿي پارٽي تبديل ڪندو رهي ٿو.

جيڪو ماڻهو بار بار پارٽيون بدلائيندو آهي، ان تي نه قيادت اعتماد ڪندي آهي نه عوام. اهڙو ڪارڪن ڪنهن به پارٽي لاءِ مستقل نه هوندو آهي، جنهن ڪري کيس سنجيده ذميواريون نٿيون ڏنيون وڃن. جڏهن عوام ڏسي ٿو ته سياسي اڳواڻ بار بار پارٽيون بدلائي رهيا آهن ته عوام سياست تان اعتماد وڃائي ويهي ٿو. نتيجي طور سياست غير سنجيده ٿي وڃي ٿي. نظرياتي سياست جو بنياد اصولن تي هوندو آهي، پر جڏهن سياسي ڪارڪن مفادن خاطر پارٽيون بدلائين ٿا ته نظرياتي سياست ڪمزور ٿي وڃي ٿي.اهڙي صورتحال ۾:

عوامي مسئلا پوئتي رهجي وڃن ٿا ۽ اقتدار جي سياست وڌي وڃي ٿي سياسي تحريڪون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون پارٽيون تبديل ڪرڻ سان سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو آهي. جڏهن ڪارڪن مستقل نه هوندا آهن ته پارٽي مضبوط نه ٿي سگهندي آهي، ۽ سياسي جدوجهد متاثر ٿيندي آهي.نظرياتي سياست جا مثال ڏکڻ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ رهيو پر پنهنجي نظريي تان نه ڦريو هندستان ۾ گانڌي ۽ نهرو ڊگهي عرصي تائين آزادي جي تحريڪ ۾ ثابت قدم رهياپاڪستان ۾ خان عبدالغفار خان اصولن تي قائم رهيواهي مثال ڏيکارين ٿا ته نظرياتي سياست صبر، قرباني ۽ مستقل مزاجي جو نالو آهي.

سنڌ جي سياست ۾ به اهڙا مثال موجود آهن جتي سياسي ڪارڪن بار بار پارٽيون بدلائين ٿا: ڪجهه مهينن بعد تنظيم ٽوڙڻ ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ اهڙي عمل سبب سياسي جدوجهد ڪمزور ٿي وئي، عوام مايوس ٿيو قيادت تي اعتماد گهٽجي ويو، سياسي ڪارڪنن کي گهرجي ته، سياسي تاريخ پڙهن نظرياتي ڪتاب پڙهن عالمي تحريڪن مان سکن  صبر ۽ مستقل مزاجي سياست ڊگهي جدوجهد جو نالو آهي، ان لاءِ صبر ضروري آهي.  اختلاف کي برداشت ڪرڻ پارٽي اندر اختلاف فطري آهن، پر اختلاف سبب پارٽي ڇڏڻ درست ناهي. سياسي ڪارڪنن کي ذاتي مفادن بدران عوامي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

سياست ۾ ڦرڻا گهرڻا ۽ بار بار پارٽيون تبديل ڪرڻ ڪمزور سياسي ايمان جي نشاني آهي. اهڙي روش نه صرف سياسي ڪارڪنن جي ساک کي نقصان پهچائي ٿي، پر نظرياتي سياست کي به ڪمزور ڪري ٿي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ڪارڪن سنجيدگي سان سياست کي سمجهن، نظرياتي بنيادن تي ڪم ڪن، ۽ عوامي مفادن کي اوليت ڏين. جيڪڏهن سياست کي ميلي يا درگاهه وانگر ورتو ويندو ته پوءِ نه سياسي جدوجهد مضبوط ٿيندي ۽ نه عوامي مسئلا حل ٿيندا.سنجيده سياست لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪارڪن ثابت قدم رهن، نظريي تي قائم رهن، ۽ عوامي مفادن جي جدوجهد جاري رکن، ڇو ته تاريخ هميشه انهن ماڻهن کي ياد رکندي آهي جيڪي اصولن تي قائم رهيا، نه انهن کي جيڪي هر موڙ تي وفاداريون تبديل ڪندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.