سيز فائر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سنڌياڻي آمنه بلوچ

سوجل ساڌواڻي

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازو سيز فائر معاهدي عالمي سياست ۾ هڪ اهم موڙ پيدا ڪيو آهي، ۽ هن اڳڀرائي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي غير معمولي پذيرائي ملي رهي آهي۔ عالمي مبصر ۽ سفارتي حلقا هن ڳالهه کي تسليم ڪري رهيا آهن ته پاڪستان نه صرف ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۾ پڻ هڪ اهم پل جو ڪم ڪيو۔ هن ڪاميابي جي پٺيان پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پرڏيهي جي مسلسل محنت ۽ سفارتي ڪوششون شامل آهن۔ ذريعن موجب، وزارت خارجا جي اعليٰ عملدارن ڪيترن ئي هفتن تائين پس پرده سفارتي رابطا جاري رکيا۔ انهن رابطن جو مقصد ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ اهڙن نڪتن تي اتفاق پيدا ڪرڻ هو جيڪي ڊگهي مدي واري امن جي بنياد بڻجي سگهن۔ هن دوران پاڪستاني سفارتڪارن نهايت محتاط ۽ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي ته جيئن ڪنهن به ڌر کي اهو محسوس نه ٿئي ته سندس مفادن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔

هن سفارتي ڪاميابي ۾ پاڪستان جي سيڪريٽري پرڏيهي پرڏيهي آمنه بلوچ جو ڪردار خاص طور تي نمايان رهيو آهي۔ آمنه بلوچ هڪ علمي ۽ فڪري گهراڻي سان تعلق رکن ٿيون، جنهن سنڌ جي تهذيب، علم ۽ فڪر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ سندس والد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ويهين صدي جي ممتاز اسڪالرن ۾ شمار ٿين ٿا، جڏهن ته سندن والده خديجه بيگم هڪ معروف تعليمدان هيون۔ انهن جو تعلق سنڌ جي ضلعي سانگهڙ ۽ دادو سان آهي۔

آمنه بلوچ جي قيادت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ پرامن بقائي باهمي جي تصور کي نئين رخ ملي آهي۔ هنن هميشه هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي تڪرارن کي طاقت جي بدران ڳالهه ٻولهه ۽ افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي۔ اها ئي سوچ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سيز فائر جي عمل ۾ پڻ نظر آئي، جتي پاڪستان ڪنهن هڪ ڌر جو ساٿ ڏيڻ بدران هڪ غير جانبدار ثالث جو ڪردار ادا ڪيو۔

بين الاقوامي ميڊيا ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اها ڪاميابي ان جي مضبوط سفارتي نظام ۽ پيشه وراڻي مهارت جو ثبوت آهي۔ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا جا ڪيترائي علائقا تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار آهن، پاڪستان طرفان امن جي واڌاري لاءِ هي ڪوشش هڪ مثبت مثال سمجهي پئي وڃي۔

هن ڪاميابي جي تناظر ۾ ٻه اهم نڪتا سامهون آيا آهن۔ پهريون هي ته سنڌ جي وچولي طبقي ۾ قيادت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي۔ آمنه بلوچ جي مثال هن ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته جيڪڏهن باصلاحيت ماڻهن کي موقعا ڏنا وڃن ته هو قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو لوها مڃائي سگهن ٿا۔ اهو پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ هڪ اهم پيغام آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ هر طبقي کي برابر موقعا ڏيڻ ضروري آهي۔ ٻيو اهم پهلو هي آهي ته سنڌ بابت ڦهلايل منفي پروپيگنڊا جي حقيقت به سامهون آئي آهي۔ ڪجهه عنصر اهو تاثر ڏيندا رهيا آهن ته سنڌ جي نئين نسل غير فعال يا غير سنجيده آهي، پر آمنه بلوچ جي ڪاميابي هن تاثر کي غلط ثابت ڪيو آهي۔ سنڌ جي تعليم يافته نوجوان نسل تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور آهي ۽ امن، ترقي ۽ استحڪام چاهي ٿي۔

مجموعي طور ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سيز فائر ۾ پاڪستان جو ڪردار نه صرف هڪ سفارتي ڪاميابي آهي پر اهو ملڪ جي مثبت سڃاڻپ کي به اجاگر ڪري ٿو۔ هي اڳڀرائي ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ ذميوار ۽ امن پسند رياست طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. آمنه بلوچ پاڪستان جي هڪ تجربيڪار ۽ سينيئر سفارتڪار آهن، جن پنهنجي پيشه ورانه زندگي ۾ مختلف اهم ملڪن ۾ ذميواريون نڀايون آهن۔ هنن نه صرف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي پر ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو۔

آمنه بلوچ جي بطور ايمبيسيڊر اهم مقرري ملائيشيا ۾ رهي، جتي هو پاڪستان جون هاءِ ڪمشنر رهيون۔ هن عرصي دوران هنن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ واپار، تعليم ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏني۔ انهن جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار ۾ واڌارو ٿيو ۽ اعتماد به مضبوط ٿيو۔ ان کان پوءِ هو يورپي يونين ۽ بيلجيم ۾ پاڪستان جون ايمبيسيڊر رهيون۔ اها هڪ اهم سفارتي ذميواري هئي ڇاڪاڻ ته يورپي يونين عالمي سياست ۽ معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي۔ هن عهدي تي هنن پاڪستان جي واپاري مفادن، خاص طور تي جي ايس پي پلس جهڙن معاهدن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ يورپي ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪيا۔بيلجيم ۾ مقرري دوران انهن کي لگزمبرگ لاءِ به اضافي طور ايمبيسيڊر جي ذميواري ڏني وئي۔ اهڙي طرح هنن هڪ ئي وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جيڪو انهن جي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي۔مجموعي طور تي آمنه بلوچ جون مختلف ملڪن ۾ بطور ايمبيسيڊر خدمتون انهن جي پيشه ورانه مهارت، متوازن سوچ ۽ ڪامياب سفارتڪاري جي عڪاسي ڪن ٿيون۔ اهو ئي وسيع تجربو اڄ انهن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.