وزير اعظم صاحب! آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ توهان جي سفارتڪاريءَ کي ساراهيو پيو وڃي، ۽ اهو يقيناً هڪ مثبت قدم آهي ته خطي کي جنگ جي باهه کان بچائڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ئي ڪافي آهي؟ ڇا ملڪ جي اندر وڌندڙ معاشي بحران، مھانگائيءَ جي طوفان ۽ عام ماڻهوءَ جي مشڪلاتن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري ناهي؟ اڄ ملڪ جو عام شهري پاڻ کي هڪ ٻي جنگ ۾ ڦاٿل محسوس ڪري رهيو آهي اها جنگ گولين يا بارود جي نه، پر مھانگائي، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جي آهي.
حقيقت اها آهي ته جڏهن عالمي سطح تي جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، تڏهن ملڪ اندر عوام مٿان مھانگائي جا جنگي بم اڇلايا پيا وڃن. روزمره جي ضرورتن جون شيون، جيڪي اڳ ئي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿي چڪيون هيون، هاڻي وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن. اٽو، کنڊ، گيهه، ڀاڄيون، گوشت هر شيءِ جي قيمت ۾ اهڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪو عام مزدور ۽ وچولي طبقي لاءِ برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
وزير اعظم صاحب، توهان جي حڪومت پاران شروع ڪيل آن لائين سبسڊي پروگرام کي عوام وڏي اميد سان ڏٺو هو، پر افسوس جو اهو نظام عملي طور تي عوام تائين ڪو خاص رليف پهچائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي. اهو رڳو لالي پاپ بڻجي ويو آهي هڪ اهڙو واعدو، جيڪو نظر ته اچي ٿو، پر هٿ نٿو اچي. آن لائين سبسڊي لاءِ پيچيده رجسٽريشن، ٽيڪنالاجي تائين محدود رسائي، ۽ شفافيت جي کوٽ سبب حقيقي مستحق ماڻهن تائين اهو فائدو نه ٿو پهچي. ملڪ جي وڏي آبادي اڃا تائين ڊجيٽل سهولتن کان محروم آهي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رسائي محدود آهي، ۽ ڪيترائي ماڻهو آن لائين سسٽم کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن. اهڙي صورتحال ۾ آن لائين سبسڊي جو تصور، جيڪو تقريرن ۾ ته سٺو لڳي ٿو، عملي طور تي ناڪام ٿي رهيو آهي. حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پاليسيون ٺاهڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.
ٻئي طرف، صحت جي شعبي ۾ به صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي. زندگيون بچائيندڙ دوائون، جيڪي هر انسان لاءِ بنيادي ضرورت آهن، انهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. هڪ عام مريض لاءِ مهانگيون دوائون خريدڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، خانگي اسپتالن جا مهانگا خرچ، ۽ سرڪاري نظام جي ڪمزوري عوام کي مجبور ڪري رهي آهي ته هو يا ته قرض وٺي علاج ڪرائين يا پوءِ بيماري سان وڙهندي زندگي وڃائي ويهن.
ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به عوام لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. ڀاڙا وڌڻ سبب روزانو ڪم تي ويندڙ ماڻهن جي آمدنيءَ جو وڏو حصو صرف سفر تي خرچ ٿي رهيو آهي. خاص طور تي مزدور طبقي لاءِ، جيڪو اڳ ئي محدود آمدني تي گذارو ڪري ٿو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جو سڌو اثر پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ پوءِ هر شيءِ جي قيمت تي پوي ٿو، جنهن سان مھانگائيءَ جو هڪ نه ختم ٿيندڙ چڪر شروع ٿي وڃي ٿو.
بجلي ۽ گيس جا اگهھ پڻ عوام لاءِ هڪ وڏو عذاب بڻجي چڪا آهن. هر مهيني ايندڙ بجليءَ جا بل ماڻهن لاءِ هڪ نئين پريشاني بڻجي وڃن ٿا. يونٽ جي قيمت ۾ واڌ، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز، ۽ ٻين اضافي ٽيڪسن سبب بلن ۾ اهڙو اضافو ٿئي ٿو، جيڪو عام ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر آهي. گيس جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ به زندگيءَ کي وڌيڪ مشڪل بڻائي رهي آهي.
وزير اعظم صاحب، سوال اهو آهي ته آخر هن صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا اهو رڳو عالمي جنگي حالتن جو نتيجو آهي، يا ملڪ اندر پاليسين جي ناڪامي به ان ۾ برابر جي شريڪ آهي؟ يقيناً عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٻين معاشي چئلينجن جو اثر پاڪستان تي به پوي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ اندروني انتظامي ڪمزوريون، ڪرپشن، ۽ غير مؤثر پاليسيون به هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيون آهن. حڪومت جو بنيادي فرض آهي ته هو عوام کي رليف فراهم ڪري، نه ته انهن تي وڌيڪ بار وجهي. جيڪڏهن سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي، ته اهو يقيني بڻايو وڃي ته اهو حقيقي مستحق ماڻهن تائين پهچي. جيڪڏهن قيمتن ۾ واڌ ضروري آهي، ته ان سان گڏ عوام کي متبادل رليف به فراهم ڪيو وڃي. صرف اعلان ڪرڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين عمل ڪرڻ ضروري آهي.
ان سلسلي ۾ حڪومت کي ڪجهه اهم قدم کڻڻ گهرجن. سڀ کان پهرين، آن لائين سبسڊي سسٽم کي سادو ۽ تڪڙو بڻايو وڃي، جيئن هر ماڻهو آساني سان ان مان فائدو وٺي سگهي. ٻيو، دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. ٽيون، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ پاليسيون اهڙيون هجن، جيڪي عوام لاءِ برداشت لائق هجن. ان کان علاوه، حڪومت کي مارڪيٽ ۾ ناجائز منافع خوريءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ڪيترائي واپاري مصنوعي کوٽ پيدا ڪري قيمتون وڌائين ٿا، جنهن سان عوام کي وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. اهڙن عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ ضروري آهي.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت عوام جي آواز کي ٻڌي، انهن جي مسئلن کي سمجهي، ۽ فوري طور تي عملي قدم کڻي. مھانگائيءَ جي هن طوفان کي روڪڻ لاءِ سنجيده ۽ مؤثر پاليسين جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾، عوام جو اعتماد ختم ٿيندو، ۽ اهو ڪنهن به حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو نقصان هوندو. سو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته جيئن توهان عالمي سطح تي جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، تيئن ئي ملڪ اندر مھانگائيءَ جي بمباري کي به ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻو. ڇو ته حقيقي ڪاميابي تڏهن آهي، جڏهن عوام خوشحال هجي، مطمئن هجي، ۽ پنهنجي زندگيءَ کي سڪون سان گذاري سگهي. هي وقت آهي فيصلو ڪندڙ قدم کڻڻ جو ڇا حڪومت عوام کي رليف ڏيندي، يا اهي جنگي بم وڌيڪ شدت سان انهن زندگين کي تباهه ۽ برباد ڪندا رهندا؟