وزيراعظم کي ملڪ هلائڻ اچي ڪونه ٿو. ڪوڙ مٿان ڪوڙ. آخرڪار ملڪ جي عوام کي ڪمند جيان ڪيترو پيڙهيو ويندو؟ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ عرب امارات تي ڪاوڙ ڪئي پئي وڃي. عرب امارات پاڪستان کي 3 ارب ڊالر اڌهار طور ڏنا هئا. اڌهار طور ڏنل رقم واپس وٺڻ ان جو اخلاقي حق آهي. ان معاملي کي ڪجهه ماڻهو سياسي رنگ ڏين پيا. پر اصل حقيقت ڪجهه ٻيو آهي. ڇا اسان کي عرب امارات تي نارض ٿيڻ گهرجي؟ حقيقت اهيا آهي ته پاڪستان وڏي مشڪلات ۾ ڦاٿل هيو ۽ آهي ۽ پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هو. ان وقت عرب امارات، سعودي عرب ۽ چين پاڪستان جي پنڻ واري ڪستي ۾ ڪجهه ارب ڊالر ڏنا هئا ۽ اها رقم بطور ڊپازٽ اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان ۾ رکي وئي هئي. ان کان پوءِ پاڪستان ڏيوالي ٿيڻ کان بچيو. 1947 کان وٺي اڄ تائين پاڪستان معاشي طور اڀري نه سگهيو آهي. نه اڀرڻ جو اصل ڪارڻ ڪرپشن ۽ نااهلي آهي. پاڪستان کي چين، سعودي عرب وڏو سهارو ڏنو پر پاڪستان جي اشرافيا ۽ حڪمرانن کي نه عوام جي پريشاني ۽ ڳڻتي آهي ۽ نه وري ملڪ جي. جيڪو پئسو پن جو اچي ٿو ان مان به ڪرپشن ڪري پاڪستان کان ٻاهر موڪليو وڃي ٿو ٻڌايو وڃي پيو ته ٻن سالن اندر 127 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ٿي آهي ۽ اهيو پئسو پاڪستان کان ٻاهر موڪليو ويو آهي. آخرڪار ملڪ معاشي طور ڪڏهن سڌرندو؟
هاڻي جيڪڏهن عرب امارات پاڪستان کان ڏنل اڌارا پئسا واپس گهري رهيو آهي ته ان کي غلط رنگ ڏنو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته عرب امارات آمريڪا تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ته ايران مٿان ايٽمي حملو ڪيو وڃي ۽ پاڪستان کي ايران خلاف ٿي بيهڻ گهرجي. جنهن تي پاڪستان عرب امارات جي ان تجويزن تي مخالفت ڪئي هئي. ان کان پوءِ عرب امارات ۽ پاڪستان ۾ اختلاف پيدا ٿيا جنهن کان پوءِ دبئي پاڪستان مٿان ڏنل اڌارا پئسا واپس ڪرڻ جو دٻاءُ وڌايو آهي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر دبئي جو حق آهي ته هو پنهنجا ڏنل اڌهارا پئسه واپس گهري. ان تي پاڪستان کي ڪاوڙ يا غصي ڪرڻ جو باقي اخلاقي جواز نٿو بڻجي. غلطيون اسان جون پنهنجون آهن. دنيا جا ملڪ پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ لاءِ پنهنجن مفادن کي سامهون رکي فيصلا ڪندا آهن. ۽ پاڪستان جي اشرافيا توڙي وزيراعظم پنهنجن ذاتي مفادن کي اوليت ڏيندي فيصلا صادر فرمائي رهيا آهن هن وقت به دبئي ليڪس ذريعي ٻڌايو پيو وڃي دبئي ۾ پاڪستان جي رٽائرڊ جنرلن جي ملڪيت جيڪا 12 ارب ڊالرن جي آهي موجود آهي ان کان علاوه 3000 هزار ارب ڊالرن جي ملڪيت پاڪستان جي واپارين، بزنيس مين ۽ سياستدانن جي آهي. خدارا ايترو پئسو پاڪستان مان نڪري ويو آهي ته پوءِ پاڪستان 85 هزار ارب روپين جو مقروض نه ٿيندو ته باقي ڇا ٿيندو؟ آخرڪار ٻين جي سهاري ۽ آسري تي ڪيترو ملڪ هلايو ويندو؟ جنگ ايران ۾ پيٽرول مهانگو پاڪستان ۾؟ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. تازو 10 تيل جا جهاز پاڪستان پهتا آهن ته پوءِ اهو تيل ڪيڏانهن ويو؟ ۽ ان مان ڪمايل رقم ڪيڏانهن وئي؟ پاڪستان جي عوام کي وزيراعظم بيوقوف بڻائي رهيو آهي. ڇا اسان کي ملڪ هلائڻ لاءِ ٻين جي درن تي پنڻ وارو ڪستو کڻي وڃي صدا هڻڻي آهي؟ يا ملڪ سان وفاداري ڪندي ملڪ کي واقعي به معاشي ترقي ڏيارڻي آهي؟ مسئلو ڪٿي ٻئي هنڌ ڦاٿل ناهي اصل فالٽ انهن جي اندر ۾ آهي جيڪي ملڪ کي خراب طرز حڪمراني وسيلي هلائي رهيا آهن. اسان کي اهو به مڃڻو پوندو ته اصل خودمختياري صرف مضبوط دفاع کي حاصل ڪرڻ ۾ به ناهي. ان لاءِ به معاشي استحڪام ضروري آهي. پئسو هوندو ته دفاع مضبوط ٿيندو. دفاعي سازو سامان خريد ڪري سگهبو. فوج جي چرپر لاءِ تيل گهربو. پئسو گهربو. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان دفاع جي ميدان ۾ پاڻ ضرور مڃرايو آهي پر ان کان اڳتي به ڪجهه سوچڻو آهي. خدارا معيشت تي سنجيدگي سان سوچيو وڃي. جڏهن چين، ڀارت، روس ۽ بيا ڪجهه ملڪ ايران کان پيٽرول ۽ گئس وٺندا رهن ٿا ته پاڪستان کي ڪهڙي نانگ ڏنگيو آهي جو ايران کان 50 روپيه في ليٽر خريد نه ٿو ڪري؟ آخرڪار پاڪستان آمريڪا کان اڃان ڪيترو خوفزده ٿيندو رهندو؟ پاڪستان ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کان ٽيڪس ته ورتو وڃي ٿو پر اشرافيا ٽيڪس کان آجي آهي. رياست پنهنجا خرچ هيٺين سطح تي آڻي. دنيا مان واپار لاءِ سيڙپ ڪارن کي سهولتون ڏيڻ گهرجي. پاڪستان جي صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنالوجي ناڪاره آهي. پاڪستان ڊيزل مهانگي ڪري ملڪ جي زراعت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ گاڏيون ٺاهيون وڃن جيڪي معياري هجن ان مان غربت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ پاڪستان جو اربين ڊالرن جو ناڻو به بچي ويندو جيڪي جاپان، ڪوريا ۽ ٻين ملڪن مان گاڏيون گهرائي خرچ ڪيو وڃي ٿو. حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائي جيڪي اڄ تائين نه گهٽائي سگهي آهي. اهي ئي شاهاڻا خرچ، ڪفايت شعاري عوام ان ته ڪرائي وڃي ٿي مگر اشرافيا ان تي عمل ڪرڻ کان لاچاري آهي. جيستائين پاڪستان جي معيشت بهتر نه ٿيندي