ايران جو آبناءِ هرمز مان گذرندڙ تيل تي في بيرل هڪ ڊالر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

ايران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ تيل تي في بيرل هڪ ڊالر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برطانوي اخبار موجب ايراني پيٽروليم ايڪسپورٽرز يونين جي ترجمان حامد حسيني چيو آهي ته ايران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ تيل بردار جهازن کان ٽول ٽيڪس ڪرپٽو ڪرنسي ۾ وصول ڪندو.
هن چيو ته ايران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن کان فيس وصول ڪرڻ چاهي ٿو، ايران لاءِ ضروري آهي ته هو ان ڳالهه جي نگراني ڪري ته آبناءِ هرمز مان ڇا اچي رهيو آهي ۽ ڇا وڃي رهيو آهي؟ ته جيئن انهن ٻن هفتن ۾ هٿيارن جي منتقلي نه ٿئي، هتان هر شئي گذري سگهي ٿي پر هر جهاز لاءِ طريقي ڪار ۾ وقت لڳندو ۽ ايران کي ڪا تڪڙ ناهي.
سندس چوڻ هو ته هر جهاز کي پنهنجي ڪارگو جا تفصيل اي ميل ذريعي ايراني اختيارين کي ڏيڻا پوندا، جنهن کانپوءِ ان کي فيس بابت ٻڌايو ويندو، تيل بردار جهازن جي فيس هڪ ڊالر في بيرل هوندي، جڏهن ته خالي جهازن کي مفت گذرڻ جي اجازت هوندي.
هن چيو جڏهن اي ميل وصول ٿي وڃي ۽ ايران جاچ مڪمل ڪري ڇڏي ته جهازن کي ڪجهه سيڪنڊن اندر بٽ ڪوائن ۾ ادائيگي ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.