بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ پهچي ويو آهي.
وزيراعظم آفيس موجب، بشڪيڪ پهچڻ تي ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عادلبڪ قاسمالييف وزيراعظم شهباز شريف جو آڏر ڀاءُ ڪيو.
چيني صدر شي جن پنگ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ٻين ملڪن جا اڳواڻ اڄ ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنهنجي ٽن ڏينهن واري دوري دوران شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو.
ملاقاتن دوران گڏيل لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
You might also like