امام الحق جي جعلي انجري؟ پي سي بي جو ڪرڪيٽر خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لارڊز ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽيسٽ اوپنر امام الحق کي لنڊن مان پهرين دستياب اڏام ذريعي پاڪستان واپس موڪلڻ سان گڏ سندس انجريءَ جِي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
امام الحق جي انجري بابت ميڊيا ۾ مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن به سندس انجري بابت تي شڪ ظاهر ڪندي ان کي جعلي قرار ڏنو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي هاڻي لارڊز ٽيسٽ دوران امام الحق جي انجري جو مڪمل طبي جائزو وٺڻ سان گڏ معاملي جي تفصيلي جاچ ڪندو.
جاچ دوران امام الحق جي طبي رپورٽ ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي ڪردار جو پڻ جائزو ورتو ويندو.
ماضيءَ امام الحق جي انجري ۽ فٽنيس بابت ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪجهه آفيسرن طرفان خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
مارچ 2025ع ۾ نيوزيلينڊ جي دوري دوران سندس مبينا جعلي انجري بابت پي سي بي جي انڪوائري پڻ ٿي هئي، جنهن رپورٽ ۾ امام الحق کي انجري جون علامتون وڌائي پيش ڪرڻ ۽ طبي عملي کي ورغلائڻ ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 28 مارچ 2025ع تي انڊور نيٽ سيشن دوران امام الحق جي ساڄي پير جي آڱوٺي تي بال لڳوهو، ايڪسري ۾ سندس آڱوٺي ۾ فريڪچر يا هڏي جي پنهنجي جاءِ تان هٽڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا هئا.
ذريعن موجب، ميڊيڪل ٽيم جي هدايت باوجود امام الحق مبينا طور افطار لاءِ اٽڪل 500 ميٽر پنڌ ڪري ويو، بعد ۾ هن آڱوٺي ۾ شديد سور ۽ ان جي ڪارو ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.
ٽيم جي ڊاڪٽر مخصوص ڪيميڪل واري پيپر سان آڱوٺي کي صاف ڪيو ته مبينا ڪارو نشان ختم ٿي ويو.
پي سي بي جي ڪميٽي موجب، آڱوٺي تان صاف ٿيل ڪارو مادو قدرتي رت جو نشان نه، پر مس يا مارڪر هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امام الحق ڪميٽي آڏو آڱوٺي تي مس يا ڪنهن مصنوعي مادي جي استعمال کان انڪار ڪيو هو، جڏهن ته ڪميٽي سندس وضاحت کي طبي شاهدين، ايڪسري ۽ آڱوٺي جي ظاهري حالت سان ٽڪراءَ قرار ڏنو هو.
ٽيم اختيارين موجب، امام الحق نگراني هيٺ منڊڪائيندي هلندي نظر آيا، جڏهن ته نظرن کان اوجهل ٿيڻ تي معمول موجب پنڌ ڪندي ڏٺوويو.
ياد رهي ته امام الحق لارڊز ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پنڊلي ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هو پاڪستان جي پهرين اننگز کانپوءِ ٻي اننگز ۾ به بيٽنگ لاءِ ميدان تي نه لٿو.

You might also like