لاڳيتو شرمناڪ شڪستن کانپوءِ هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ عمر گل کان ذميواريون کسڻ جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ بالنگ ڪوچ عمر گل کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد ۽ عمر گل ٽِين ٽيسٽ ۾ ٽيم سان گڏ رهندا، جنهن کانپوءِ کين فارغ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، برمنگهم ٽيسٽ ۾ مائيڪ هيسن ڪوچز جي سربراهه طور ذميواريون سنڀاليندو، جڏهن ته سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ مائيڪ هيسن ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو.
ذريعن موجب، سلمان علي آغا کي به وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هو محمد رضوان ۽ امام الحق سان گڏ پاڪستان واپس ايندو.
واضح رهي ته لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 194 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيسٽن واري سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like