ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث ۽ فيصلو سنڌ اسيمبلي ۾ ئي ٿيندو، ڪنهن عدالت، جلسي يا ٽي وي پروگرام ۾ ويهي سنڌ ورهائڻ جو فيصلو نٿو ڪري سگهجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته انگريز به سنڌ جو ورهاڱو نه ڪري سگهيا، سنڌ جي ورهاڱي جو فيصلو لاهور جا واپاري نه، پر سنڌ اسيمبلي جا چونڊيل ميمبر ڪندا.
مراد علي شاهه چيو ته لاهور جا واپاري ويهي سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهيون نٿا ڪري سگهن، نه ئي تقريرن يا گهٽين ۾ اهڙو فيصلو ٿيندو، سنڌ بابت فيصلو سنڌ اسيمبلي ۾ ئي ٿيندو.
هن چيو ته سڀني جو منهن بند ڪرائڻ جو واحد حل اسيمبلي ۾ بحث ڪرائڻ آهي.
وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 34 ميمبر آهن، جيڪڏهن همت آهي ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ٺهراءُ آڻي ڏيکارين. هن واضح ڪيو ته ”جيستائين اسان مان هڪ به ايم پي اي زنده آهي، سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو.“
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي اڳ ئي فيصلو ڪري چڪي آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. ڪنهن جي خواهش يا تقريرن سان سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو، جڏهن ته 1948ع سميت ڪيترائي ڀيرا هن معاملي تي بحث ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ اهو فيصلو ٿيندو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪڏهن به نه ٿيندو ۽ سنڌ هميشه قائم رهندي.
You might also like