حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي تي ڪو به سمجهوتو ۽ ڪو به بحث نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جو فرض سنڌ جي وحدت جي حفاظت ڪرڻ آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته بحث سنڌ جي ورهاڱي تي نه، پر پاڻي، روزگار، وسيلن، تعليم، صحت، امن، انصاف ۽ ميرٽ بابت ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ”ڪو به سمجهوتو نه، ڪو به بحث نه، اسيمبلي ميمبرن جو فرض سنڌ جي وحدت جي حفاظت آهي.“
You might also like