سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حقِ خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين: مسرور شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسرور شاهه چيو آهي ته سنڌي قوم پهرين ڏينهن کان واضح آهي ته سنڌ اسان جو ناقابلِ تقسيم تاريخي وطن آهي. ڪنهن به آمر، عدالت، آئين يا خود سنڌ اسيمبلي کي اهو مينڊيٽ حاصل ناهي ته سنڌ کي ورهائي سگهي، جڏهن ته سنڌي قوم جي ان ارادي جو متفقه پارلياماني اظهار 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ اسيمبلي جي سنڌ جي ورهاڱي خلاف قراردادن جي صورت ۾ پڻ موجود رهيو آهي.
هن چيو ته انهن سمورن قراردادن ۾ سنڌ اسيمبلي واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي قديم تاريخ آهي ۽ اها هڪ خودمختيار ۽ سووَرين حيثيت ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي، پر پاڪستان جي وفاق کي تخليق ڪيو. اهو ئي پارلياماني اسٽيٽس ڪو هو.
مسرور شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي، جيڪا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ سنڌ جي خودمختيار صوبائي ۽ رياستي حيثيت قائم ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي ۽ جنهن هڪ سماجي معاهدي تحت وفاق ۾ شموليت اختيار ڪئي، اها صوبو ورهائڻ جو اختيار نٿي رکي، اها ان بنياد کي ختم نٿي ڪري سگهي، جنهن مان اها پاڻ وجود ۾ آئي آهي.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ جي ورهاڱي خلاف متفقه ۽ اڪثريتي ٺهرائن ذريعي ان آئيني اصول کي ورجائيندي رهي آهي، جيتوڻيڪ مختلف دورن ۾ پاڪستان ۾ مختلف آئين لاڳو رهيا ۽ سنڌ اسيمبلي وٽ مختلف اختيار رهيا، پر بنيادي سماجي معاهدو ساڳيو رهيو آهي.
مسرور شاهه چيو ته اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ ايڊجورنمينٽ موشن پيش ڪري سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن بابت بحث ڪرايو آهي، جنهن سان 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ اسيمبلي طرفان ظاهر ڪيل گڏيل ارادي ۽ قائم پارلياماني اسٽيٽس ڪو کي ختم ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته هاڻي سنڌ اسيمبلي وٽ سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جو سوال اوپن ٽو ڊبيٽ ۽ پارلياماني اڪثريت جي تابع ٿي ويو آهي ۽ اڳوڻين قراردادن جي حيثيت ختم ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽن ڏينهن جي بحث دوران صوبي جي ورهاڱي بابت جيڪا به ڳالهه ٿيندي، اها اسيمبلي جي رڪارڊ جو حصو بڻجي تاريخ ۾ شامل ٿيندي، جيڪڏهن ورهاڱي خلاف نئين قرارداد پيش به ڪئي وڃي، تڏهن به اهو پريسيڊنٽ قائم رهندو ته سنڌ جي ورهاڱي جو سوال کليل آهي ۽ اسيمبلي جو هڪ خاص ۽ جائز حصو صوبي جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته مناسب وقت تي ٻيهر ايڊجورنمينٽ موشن ذريعي بحث کوليو وڃي سگهي ٿو ۽ پارلياماني اڪثريت جي صورت ۾ صوبي جي ورهاڱي جو رستو به هموار ٿي سگهي ٿو.
مسرور شاهه چيو ته نئين پارلياماني اسٽيٽس ڪو جي قائم ٿيڻ سان اها ڳالهه پڻ واضح ٿي وئي آهي ته هاڻي 1973ع جو آئين سنڌ جي وحدت جو ضامن ناهي ۽ نه ئي موجوده سنڌ اسيمبلي، جيڪا پنهنجي تاريخي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ان صورتحال ۾ اسان کي پڻ واضح ۽ گڏيل موقف سان سامهون اچڻو پوندو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي ورهائي ان بنيادي سماجي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، جنهن تحت سنڌ پاڪستان ۾ آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان شامل ٿي هئي، ۽ جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي به پنهنجي تاريخي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوشش ڪري ٿي، ته سنڌ ان معاهدي کي ٽٽل سمجهندي حقِ خوداراديت (سيلف ڊيٽرمي نيشن) جي اصول تحت پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ آزاد هوندي ۽ ان اصول تحت پنهنجي سياسي جدوجهد پڻ ڪندي.
مسرور شاهه چيو ته هن وقت جنهن ريت سنڌ تي مختلف قوتون حملي آور آهن، ان صورتحال ۾ تاريخ سنڌي قوم کي پنهنجي موقف بابت واضح ٿيڻ لاءِ سڏي رهي آهي.
سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حقِ خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين: مسرور شاهه

You might also like