لارڊز ٽيسٽ ۾ امام الحق جي انجري کانپوءِ سندس فٽنيس تي سوال اٿڻ لڳا آهن، جڏهن ته ماضي ۾ به انجري بابت پيدا ٿيل تڪرار سبب موجوده معاملو وڌيڪ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
پي سي بي موجب، امام الحق کي لارڊز ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن لو گريڊ اسٽرين ٿي هئي.
امام الحق پهرئين ڏينهن فيلڊنگ دوران پڃيءَ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هو ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ بيٽنگ لاءِ ميدان تي نه لٿو.
سندس انجري بابت اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان به سوال اٿاريا ويا ۽ ڪجهه ماڻهن سندس انجري کي وڌائي پيش ڪرڻ جا الزام هنيا.
اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته قومي ٽيم جي رانديگرن جي انجري ۽ فٽنيس بابت نظام ڪيترو شفاف آهي ۽ پي سي بي کي اهڙين شڪايتن جي صورت ۾ واضح طبي رپورٽ عوام آڏو رکڻ گهرجي يا نه؟
جڏهن ڳالهه پنهنجي ملڪ جي نمائندگي جي اچي ٿي ته ڏکين حالتن باوجود ڪيترن ئي رانديگرن انجري کي وساري ميدان تي لهڻ جا مثال قائم ڪيا آهن.
عالمي ڪرڪيٽ ۾ ميلڪم مارشل ۽ ڪورٽني والش جهڙا نالا اهڙي همت جي علامت رهيا آهن، جڏهن ته تازو انگلينڊ جي ڪرس ووڪس به لارڊز جي ميدان تي انجري باوجود بيٽنگ ڪري همت جو مظاهرو ڪيو.
سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ به رانديگرن کان اهڙو ئي جذبو، ذميواري ۽ پروفيشنلزم گهرجي، يا انجري جا معاملا هر ڀيري شڪ ۽ تڪرار جو شڪار ٿيندا رهندا؟
پاڪستان ڪرڪيٽ اڳ ئي ڪارڪردگي، چونڊ، ڪوچنگ ۽ انتظامي معاملن سبب سخت تنقيد هيٺ آهي.
لارڊز ۾ انگلينڊ هٿان 194 رنسن جي شڪست کانپوءِ سيريز به 2-0 تان هٿ مان نڪري چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي ڪرڪيٽ جي اصل مسئلن تي سنجيده احتساب جي ضرورت آهي.
جواري هتي، سٽي باز هتي، ڊرامي بازيءَ جا الزام به هتي ته پوءِ ڪرڪيٽ جو حال ڇو نه خراب ٿيندو؟
هاڻي سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ جو نظام خراب آهي ته ان جو حل بهتري، احتساب ۽ ميرٽ ۾ ڳوليو ويندو يا وري هر ناڪاميءَ جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏئي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون وينديون؟