آمريڪا پاران پاسدارانِ انقلاب کي اربين ڊالرن جي آڇ ذريعي فوجي بغاوت جي ڪوشش جو انڪشاف

نامياري تجزيه نگار پيپي ايسڪوبار موجب، آمريڪا ايران ۾ فوجي بغاوت ڪرائڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب جي اختيارين کي اربين ڊالرن جي آڇ ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي.

مشهور صحافي ۽ جيو پوليٽيڪل تجزيه نگار پيپي ايسڪوبار انڪشاف ڪيو آهي ته واشنگٽن انتظاميا ايران جي معاملي ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو هن وينزويلا ۾ استعمال ڪيو هو، پر هو اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته سندس مقابلو ڪنهن سان آهي.

ايسڪوبار موجب، ٽرمپ انتظاميا عراقي ڪردستان جي اڳواڻ نيچروان بارزاني جي ذريعي پاسدارانِ انقلاب سان هڪ ڳجهو رابطو بحال ڪيو.

هن جو چوڻ هو ته شروعات ۾ سفارتڪاري لاءِ قائم ڪيل ان رابطي واري رستي کي بعد ۾ پاسدارانِ انقلاب جي سينيئر فوجي قيادت کي اربين ڊالرن جي آڇ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ته جيئن اهي اندروني طور تي ايراني قيادت کي ڪمزور ڪن.

پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر احمد وحيدي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين اها آڇ فوري طور رد ڪري ڇڏي ۽ اها معلومات ايراني سپريم ڪمانڊ تائين پهچائي ڇڏي.

پيپي ايسڪوبار جو چوڻ آهي ته واشنگٽن اصل ۾ فوجي بغاوت خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر هو اهو وساري ويٺا ته پاسدارانِ انقلاب جي قيادت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ايران-عراق جنگ وڙهي آهي ۽ اهي ملڪ جا محافظ آهن، پئسا وٺي غداري ڪندڙ نه آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايران هاڻي خطي ۾ هڪ نئون ۽ خودمختيار نظام چاهي ٿو. ايران هن وقت روس، چين، وچ ايشيا ۽ پاڪستان سان گڏ هڪ وڏي معاشي نيٽ ورڪ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي.

هن جو چوڻ هو ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ۽ ٻيا واپاري رستا آمريڪي بالادستي جو متبادل بڻجي رهيا آهن. ان ئي سبب آمريڪا جون ثانوي پابنديون چين ۽ روس کي به هن جنگ ۾ ڇڪي آڻينديون، جڏهن ته چين جو 2021ع وارو اينٽي فارن سينڪشنز قانون اهڙين پابندين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.

پيپي ايسڪوبار موجب، واشنگٽن ايران کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ۾، حقيقت ۾ انهن سڀني ملڪن کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻي رهيو آهي.

You might also like