ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وحدت کي متاثر ڪندڙ قدمن جهڙي حرڪت آهن.
هن چيو ته سنڌ کي مختلف صوبن ۾ ورهائڻ سان سنڌ جو نالو ۽ سڃاڻپ ختم ٿي سگهي ٿي.
نثار کهڙي موجب، سنڌ وٽ بندرگاهه، درآمدات، صنعتي شهر، معدنيات، زراعت ۽ انساني وسيلا موجود آهن، جيڪي سنڌ جي معاشي مضبوطي ۽ بقا جا اهم ذريعا آهن.
هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ تاريخي حيثيت کي نظرانداز ڪري صوبي کي ورهائڻ جون ڳالهيون سنڌ جي وحدت ۽ سڃاڻپ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اجرڪ هزارين سالن کان سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي.
هن چيو ته سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، منهنجي چاچي ون يونٽ ٺاهي پنهنجي تاريخ ۽ سياست کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، جڏهن ته ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي نالي ۽ سياسي حيثيت کي ختم ڪيو ويو.
نثار کهڙي موجب، سنڌ جي ماڻهن 12 کان 15 سالن تائين جدوجهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ سنڌ جو نالو ٻيهر بحال ڪرايو.
هن چيو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ صدين کان قائم آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي حقن ۽ سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هر دور ۾ جدوجهد ڪئي آهي.