ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت رٿ تي بحث جاري رهيو، جنهن کانپوءِ اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته لاهور جا واپاري ويهي اهو فيصلو نه ڪندا ته سنڌ کي ورهائڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڪيترائي ڀيرا فيصلو ڪري چڪا آهن ته سنڌ جا حصا نه ٿيندا، سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ ئي رهندي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو فيصلو اسان ڪنداسين، نه ڪا عدالت فيصلو ڪندي ۽ نه ئي روڊن تي نڪتل ڪو شخص اهو فيصلو ڪندو.
هن چيو ته فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو، بحث هن ايوان ۾ ٿيندو، فيصلو هي ايوان ڪندو ۽ ان شاءَ الله اهڙو فيصلو ڪندو، جنهن سان جيڪي ٻيا آواز اٿي رهيا آهن، انهن سڀني جا منهن بند ٿي ويندا.
رٿ تي بحث ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته سنڌ کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وحدت کي متاثر ڪندڙ قدمن جهڙي حرڪت آهن.
هن چيو ته سنڌ کي مختلف صوبن ۾ ورهائڻ سان سنڌ جو نالو ۽ سڃاڻپ ختم ٿي سگهي ٿي.
نثار کهڙي موجب، سنڌ وٽ بندرگاهه، درآمدات، صنعتي شهر، معدنيات، زراعت ۽ انساني وسيلا موجود آهن، جيڪي سنڌ جي معاشي مضبوطي ۽ بقا جا اهم ذريعا آهن.
هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ تاريخي حيثيت کي نظرانداز ڪري صوبي کي ورهائڻ جون ڳالهيون سنڌ جي وحدت ۽ سڃاڻپ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اجرڪ هزارين سالن کان سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي.
هن چيو ته سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ”منهنجي چاچي ون يونٽ ٺاهي پنهنجي تاريخ ۽ سياست کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.“
نثار کهڙي موجب، ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي نالي ۽ سياسي حيثيت کي ختم ڪيو ويو.
نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي ماڻهن 12 کان 15 سالن تائين جدوجهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ سنڌ جو نالو ٻيهر بحال ڪرايو.
هن چيو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ صدين کان قائم آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي حقن ۽ سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هر دور ۾ جدوجهد ڪئي آهي.
ايم پي اي راجا رزاق بلوچ چيو ته جنهن به سنڌ ورهائڻ جو شوشو ڇڏيو آهي، ان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌي کي سنڌ پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي.
خرم ڪريم سومرو چيو ته اسان گوليون کائڻ لاءِ تيار آهيون، پر پنهنجي ماءُ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين.
ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو ته پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته فارم 47 تي اچڻ وارن کي اخلاقي طور اهڙي ڳالهه ڪرڻ جو حق به نه هجڻ گهرجي.