”شاهي جوڙي وٽ ڪو به نوڪري نه ڪندو“ ميگهن مارڪل جي رويي بابت اهم انڪشاف

برطانوي شهزادي هيري جي گهر واري ميگهن مارڪل بابت هڪ نئين رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪيليفورنيا جي علائقي مونٽيسيٽو ۾ رهائش دوران کيس پنهنجي گهر لاءِ گهريلو ملازم رکڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

آمريڪي ميڊيا موجب، هڪ ذريعي دعويٰ ڪئي آهي ته مونٽيسيٽو جي ڪيترن ئي گهرن جي سنڀال ڪندڙن شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، جنهن جو مبينا سبب ميگهن جو ملازمن سان رويو هو.

ذريعي الزام لڳايو ته ميگهن مارڪل ملازمت جي اميدوارن جا انٽرويو پاڻ وٺندي هئي ۽ ڪجهه ماڻهن کي سندس تڪبر وارو ۽ سخت انداز محسوس واضح طور محسوس ٿيندو. ڪجهه اميدوار سندس ڳالهائڻ جي انداز کان ايترا ناخوش ٿيا، جو مقامي گهريلو ملازمن ۾ اها ڳالهه پکڙجي وئي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي ته صورتحال ايتري حد تائين پهچي وئي هئي، جو علائقي ۾ مذاق طور چيو ويندو هو ته مونٽيسيٽو جا گهريلو ملازم شاهي جوڙي لاءِ ڪم ڪرڻ نٿا چاهين.

ميگهن مارڪل ۽ شهزادي هيري جي نمائندن انهن الزامن تي ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو، جڏهن ته رپورٽ ۾ ڪيل دعوائون هڪ نامعلوم ذريعي سان منسوب آهن ۽ انهن جي آزاداڻي طور تي تصديق نه ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته شهزادو هيري ۽ ميگهن مارڪل 2020ع ۾ شاهي ذميوارين تان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا منتقل ٿي ويا هئا ۽ پنهنجي ٻارن، شهزادي آرچي ۽ شهزادي للي بيٽ سان گڏ مونٽيسيٽو ۾ رهائش پذير رهيا.

You might also like