ڪينسر هڪ موتمار مرض آهي، جنهن سان اڄ جي دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
پر نئين تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شادي شدا ماڻهن ۾ ڪينسر سان متاثر ٿيڻ جو خطرو غير شادي شدا ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.
آمريڪا جي ميامي ملر اسڪول آف ميڊيسن جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو شادي ناهن ڪندا، انهن جو ڪينسر جو خطرو شادي شدا ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
ان تحقيق ۾ آمريڪا ۾ ڪينسر جي 40 لک کان وڌيڪ ڪيسن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته غير شادي شده ماڻهن ۾ ڪينسر جي لڳ ڀڳ سڀني قسمن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
تحقيق موجب ان جو مطلب اهو ناهي ته شادي سان ڪينسر شڪار نٿو ڪري سگهي پر اهو اشارو ضرور ملي ٿو ته سماجي عنصر جهڙو ازدواجي حيثيت به اهميت رکي ٿي.
محققن موجب ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل ڪينسر ريسرچ ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيا آهن.
You might also like