پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ 1990ع جو سال هڪ اهڙو سنگِ ميل آهي جيڪو ارتقا کان وڌيڪ ڪٺ پتلي سياست جي عروج جو نشان بڻيو. جنرل ضياءَ الحق جي ڊگهي ۽ سخت مارشل لا جي ڇانو اڃان ختم به نه هئي ته پيپلز پارٽي جي نوخيز جمهوري حڪومت جي بساط لپيٽ ڏئي ڇڏي وئي. انهيءَءَ وقت هڪ اميد باقي هئي ته ڇاڪاڻ ته آمريت جي ڪاري رات جا زخم اڃان تازا هئا، شايد مقتدر حلقا ملڪ جي حالتن جي سنگيني کي سمجهي وٺندا ۽ شايد هاڻي جمهوري روايتن کي بوٽن هيٺ نه لتاڙيندا، پر افسوس ته چونڊن جي نتيجي ۾ نڪتل نواز شريف جي پهرين حڪومت جو رويو جمهوري کان وڌيڪ آمراڻو ظاهر ٿيو. سياسي مبصرين جو چوڻ آهي ته ميان صاحب جي حڪومت جو تقابلي جائزو بينظير ڀٽو جي دور سان وٺڻ بدران محمد خان جوڻيجو جي حڪومت سان ڪرڻ وڌيڪ صحيح آهي، ڇو ته انهيءَ پويان ڳجهيو ۽ تلخ حقيقتون موجود آهن.
نواز شريف اقتدار سنڀالڻ سان ئي اهوئي انداز اختيار ڪيو جيڪو جوڻيجو کي آمريت جي نرسري کان ورثي ۾ مليو هو. ٻنهي حڪومتن جو سياسي ڊي اين اي هڪجهڙو هو، مطلب اقتدار جون ڏوريون وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ نه پر راولپنڊي جي شاهراهين مان هلنديون هيون. جوڻيجو جي حڪومت جيتوڻيڪ بلاواسطه آمريت جي ڇانو ۾ بيٺل هئي، ته نواز شريف جي پويان به اهي سڀ مقتدر قوتون هڪ صف تي موجود هيون جيڪي عوامي مينڊيٽ کي پنهنجي مرضي جو لباس پهرائڻ جو فن ڄاڻنديون هيون. جتي محترمه بينظير ڀٽو وفاقي يونٽ جي علامت طور اڀري ۽ چئن صوبن کي اقتدار ۾ حقيقي حصيدار بڻائي راولپنڊي جي غير آئيني اثر ۽ رسوخ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، اتي نواز شريف آمريت جي ساڳئي مرڪزي طرزِ حڪمراني کي جاري رکيو.
اڄ 2026ع جي دروازي تي بيٺل هجڻ دوران ڏسو ته، نه منظرنامو بدليل آهي نه ڪردار. حالتون اڃان ساڳيون آهن ۽ حڪمراني جو انداز به ساڳيو آهي. مهانگائي جو عذاب عام ماڻهوءَ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. عوام اهڙي اذيتناڪ صورتحال سان منهن ڏئي رهيا آهن جتي اهي گذريل ٻن حڪومتن جي خراب ڪارڪردگي جو موجوده حڪمرانن سان ڀيٽ ڪرڻ تي مجبور آهي. پاڪستان جي سياست هن وقت هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهي جتي عام ماڻهو جي زندگي ترقي کان هٽي محض زندہ رهڻ جي جنگ بڻجي وئي آهي. حڪومت پاران تازي ايران-امريڪا جنگ جي منظرنامي ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي سبب مهانگائي جو طوفان وچولي طبقي ۽ سفيد پوش طبقي کي نهوڙي ڇڏيو آهي.
ستم ظريفي اها آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ موجوده حڪومت ليوي ۽ بھاري ٽيڪسن جي مد ۾ پڻ عوام جي کيسن تي وڏو هٿ صاف ڪري رهي آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر غير معمولي اضافو نواز ليگ جي ناقص معاشي حڪمت عملي ۽ بدترين موقع پرستي جو واضح ثبوت آهي. جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا جي علائقي ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي تناسب سان پيٽرول جي قيمتن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن وقت بنگلاديش ۾ پيٽرول 280 رپيا، ڀارت ۾ 286 رپيا، نيپال ۾ 322 رپيا ۽ شديد معاشي بحران مان گذرندڙ سری لنڪا ۾ 406 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ايٽمي طاقت هجڻ جو دعويدار پاڪستان ۾ پيٽرول 458 رپيا في ليٽر جي بلند ترين سطح کي ڇهي رهيو آهي.
سياسي حقيقت اها آهي ته ننڍا صوبا بد کان بدتر جمهوري حڪومت ۾ به ان قسم جي استحصال جو شڪار ناهن ٿيندا جيئن هڪ شاندار مارشل لا ۾ ٿين ٿا. جمهوريت جيتري به ڪمزور ڇو نه هجي، اها ننڍن صوبن کي آئيني ڍال فراهم ڪري ٿي. ان جي تازو مثال عمران خان جو دورِ حڪومت آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت کي مقتدر حلقن، بيوروڪريسي ۽ عدليه جي غيرمعمولي حمايت حاصل هئي، پر ان جي باوجود اهي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جو وفاقي خواب پورو نه ڪري سگهيا ڇو ته جمهوري ڍانچي ۾ صوبي جي خودمختاري جو رستو بند نٿو ٿئي. ان جي برعڪس، جنرل پرويز مشرف جي دعويٰ ڪيل بهترين آمريت هي ڪم صرف ٻن منٽن ۾ صدارتي حڪم نامي ذريعي ڪري ڏيکاري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي سڀني تنقيدن جي باوجود انهيءَ نظام جو حصو آهي، ته ان جو وڏو سبب اهو خوف آهي ته ننڍن صوبن جي رهيل خودمختاري ختم ٿي ويندي. عوام مهانگائي کان تنگ آهي، پر تاريخ گواهه آهي ته آمريت ماني سستي ڪرڻ جي بدلي هميشه صوبن کان انهن جي سڃاڻپ ۽ وسيلا کسي چڪي آهي. ضرورت اها آهي ته جمهوريت کي صرف ووٽ تائين محدود نه ڪيو وڃي، پر حڪومت جي ذريعي عوام جي زخمن جو مرهم بڻايو وڃي، نه ته بهترين آمريت جي مقابلي ۾ بدترين جمهوريت جو مقدمو ڏکيو ٿيندو وڃي.