ڀٽو: هڪ فڪر، ھڪ فلسفو، هڪ تحريڪ

ڊاڪٽر سڪندر اقبال

4 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جيڪو هڪ طرف گهري غم جي ياد ڏياريندو آهي ۽ ٻئي طرف هڪ اهڙي دور جي جھلڪ به پيش ڪري ٿو جنهن قوم کي جمهوريت جو شعور، عوامي حقن جو احساس ۽ سياسي مزاحمت جو حوصلو عطا ڪيو. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن هن خطي پنهنجي هڪ عظيم اڳواڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي وڃائي ڇڏيو.

سندن شهادت صرف هڪ فرد جو خاتمو نه هو بلڪه هڪ نظريي جي آبياري هئي اهڙو نظريو جيڪو اڄ به زنده آهي ۽ هر ان دل ۾ ڌڙڪي ٿو جيڪو انصاف، برابري ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿو. ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي ڪنهن عام سياستدان جي ڪهاڻي نه هئي بلڪه هڪ مسلسل ارتقا هئي—هڪ اهڙو سفر جنهن ۾ پرڏيهي پاليسي جي وسعت، اندروني حڪمراني جي جرئت ۽ عوامي سياست جي گرمي هڪ ئي وهڪري ۾ گڏ نظر اچي ٿي. پرڏيهي وزير (1963–1966) طور هنن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي روايت جي گهيري مان ڪڍي هڪ زنده، خودمختار ۽ باوقار رخ ڏنو. اهو اهو دور هو جڏهن هنن عالمي طاقتن جي وچ ۾ توازن واري سياست کي پاڪستان جي بقا ۽ عزت سان جوڙيو. چين سان لاڳاپن کي نئين جِهل ڏني وئي جيڪا اڳتي هلي هڪ تاريخي حڪمت عملي واري شراڪت ۾ تبديل ٿي وئي. ساڳئي طرح اسلامي دنيا سان لاڳاپن کي مضبوط بنياد ڏنا ويا ۽ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي هڪ مؤثر ۽ زنده ڪيس طور پيش ڪيو ويو جنهن پاڪستان جي موقف کي نئين طاقت بخشي.

ان ئي فڪري پختگي ۽ سياسي ويزن کانپوءِ ۾ سندن وزيراعظمي واري دور (1971–1977) ۾ هڪ جامع قومي نظريي جي صورت ۾ سامهون آئي. هو پاڪستان جي تاريخ جي انهن چند اڳواڻن مان هئا جن اختلافن جي بار هيٺ دٻيل سماج کي هڪ آئيني معاهدي ۾ سلهاڙي ڇڏيو. 1973 جو متفقه آئين سندن سڀ کان وڏي قومي خدمت آهي—اهڙو دستاويز جيڪو اڄ به پاڪستان جي جمهوري وجود جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. هي آئين صرف قانوني متن نه پر هڪ اجتماعي عهد آهي ته رياست عوام جي امانت آهي.

سندن”ماني، ڪپڙا ۽ اجهو“ صرف هڪ سياسي نعرو نه هئي بلڪه هڪ عهد هو—هڪ واعدو جيڪو هنن غريب، مزدور، هاري ۽ محروم طبقن سان ڪيو. هنن سياست کي ايوانن مان ڪڍي گهٽين، ٻنين ۽ مزدور جي جهوپڙين تائين پهچايو. صنعتن ۽ بينڪن جي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ به انهي سوچ جو حصو هو ته معيشت چند هٿن ۾ قيد نه رهي پر عوام جي اجتماعي مفاد ۾ استعمال ٿئي. زرعي سڌارن ذريعي جاگيرداري ڍانچي کي چئلينج ڪيو ويو ۽ زمين کي ان جي اصل حقدارن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڀٽو جي اصلاحي سوچ صرف معيشت تائين محدود نه هئي. هنن مزدور کي حق ڏنا، پينشن ۽ سماجي تحفظ جهڙن تصورن کي عملي شڪل ڏني ۽ هڪ اهڙي طبقي کي رياستي تحفظ ڏنو جيڪو ڏهاڪن کان محرومي جو شڪار هو. تعليم جي ميدان ۾ سندن ڪوششون هڪ نئين سماجي انقلاب جي بنياد بڻيون. تعليمي ادارن جو قيام ۽ سڌارا انهي سوچ جي عڪاسي هئا ته علم صرف اشرافيه جو حق نه پر هر شهري جو بنيادي حق آهي.

پرڏيهي محاذ تي 1974 جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس سندن سياسي بصيرت جو هڪ روشن باب آهي. هن ڪانفرنس مسلم دنيا کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هڪ نئين سفارتي تاريخ رقم ڪئي. ساڳئي دور ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکي هنن قومي سلامتي کي هڪ ناقابلِ تسخير ڍانچي ۾ تبديل ڪيو—اهڙو فيصلو جنهن پاڪستان جي دفاعي مستقبل کي محفوظ بڻايو.

ڀٽو جي اصل طاقت سندن عوامي سياست هئي. هو لفظن جا نه پر جذبن جا اڳواڻ هئا. هنن سياست کي طاقت جي ايوانن مان ڪڍي عوامي شعور جو حصو بڻايو. پاڪستان پيپلز پارٽي ذريعي هنن اهڙو سياسي ڪلچر متعارف ڪرايو جنهن ۾ مزدور، هاري ۽ وچولو طبقو صرف تماشائي نه پر فيصلا ڪندڙ بڻيا. نوجوانن کي هنن صرف اميد نه ڏني پر هڪ سياسي ڪردار به عطا ڪيو.

سنڌ سان سندن رشتو صرف جغرافيائي نه پر روحاني هو. هو هن ڌرتي جا سچا سپوت هئا. سنڌ جي سڃاڻپ، ثقافت، ٻولي ۽ محرومين کي هنن قومي بيانيي جو حصو بڻايو. ترقياتي منصوبا، تعليمي ادارا، رستا ۽ آبپاشي نظام انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته سندن نظر ۾ سنڌ صرف هڪ صوبو نه پر ملڪ جو مرڪز هئي جنهن جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان جڙيل هئي.

سندن شهادت 4 اپريل 1979 تاريخ جو اهو لمحو آهي جنهن وقت کي لوڏي ڇڏيو. هڪ اهڙو فيصلو جنهن تي اڄ به ظلم ۽ ناانصافي جا سوال اٿن ٿا. پر اها حقيقت اڻ ٽر آهي—ته نظريا ڦاهي نٿا چڙهن. ڀٽو کي جسماني طور ختم ڪيو ويو، پر هو عوامي شعور، سياسي مزاحمت ۽ جمهوري اميد طور امر ٿي ويا. هو اڄ به زنده آهن—هر جلسي ۾، هر نعري ۾، هر خواب ۾ جيڪو بهتر پاڪستان جي اميد رکي ٿو.

اڄ جڏهن اسان 4 اپريل کي ياد ڪريون ٿا ته اهو صرف تعزيت جو ڏينهن نه پر هڪ عهد جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جمهوريت آسان رستو نه پر قربانين سان ڀريل سفر آهي. ڀٽو جي زندگي اسان کي سيکاري ٿي ته رياست تڏهن مضبوط ٿئي ٿي جڏهن اها عوام سان جڙيل هجي، ۽ قيادت تڏهن عظيم بڻجي ٿي جڏهن اها پنهنجي ماڻهن لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو حوصلو رکي ٿي. ڀٽو  صاحب  فقط هڪ فرد نه هئا—هو هڪ فڪر هئا، هڪ تحريڪ هئا، هڪ خواب هئا. اهڙو خواب جيڪو اڄ به پاڪستان جي سياسي افق تي روشن آهي ۽ جنهن جي روشني ڪڏهن به مدهم نه ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.