جنهن ڏينهن سنڌ جي هن معصوم نياڻي ام رباب جي اٺن ورهين جي اوجاڳن، جستجو ، جاکوڙ ۽ اميدن جي ڪرڻن جي سهاري تي پنڌ ڪندڙ تاريخي ڪيس جو فيصلو اچڻو هيو، انھيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ مان سگا جي قافلي جي ساٿين فقير محمد زمان دايو، سيد علي رضا شاهه ۽ احسان ڪلادي سان گڏ ڪراچي ۾ سگا جي پروگرام اٽينڊ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هيم. مان ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ميهڙ ۾ اوچتو هڪ دڪان تي اچي بريڪ هنيو، مون احسان ڪلادي کي چيو ته ميهڙ جو مائو وٺي اچ ته مزو وٺون پر منهنجي لاشعور ۾ اهو هيو ته مان ام رباب جي اٺن سالن جي جاکوڙ جي نتيجي ۾ عدالتي انصاف جو اڳواٽ ميهڙ جو مائو کائي ڪري جشن ملهائي وٺان،
فيصلي جي فتوا کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي هئي، علائقي ۾ خوف، هراس پيدا ڪيو ويو، ڇهه سئو جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪارن کي تعينات ڪيو ويو، دادو جي ايس ايس پي کي ڪجههه ڏينهن اڳ ئي بدلي ڪري اهو ميسيج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته واقعي ۾ ملوث با اثر جوابدارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيندي ۽ عام افواهه به اهي هئا ته جوابدارن کي سزا ڏيئي سندن گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي، جنهن ڪري ئي علائقي کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي ايڏي وڏي نفري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو،
اهڙي فيصلي اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا سان گڏ سڀني باشعور ماڻهن جي اندر مايوسي جي لهر ڦهلجي وئي، سموري سنڌ کي وڏو افسوس انهيءَڳالهه تي هو ته سنڌ سان عشق جون وڏيون دعوائون ڪري ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ ماڻهن جي دلين ۾ هڪ بهادري وارو نيريٽو پيدا ڪندڙ ناليوارو وڪيل ام رباب جي مخالف ڌر جي وڪيل طور سامهون آيو هو ۽ هن فيصلي کانپوءِ پنهنجو موقف ڏيندي ام رباب کي پنهنجي نياڻي قرار ڏيندي ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو پر هن جي انهيءَهمدردي کي سنڌ جي باشعور ماڻهن ڪنهن به ريت قبول ڪري نه سگهي آهي، سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙ ڪيترن ئي صحافين ۽ عام ماڻهن تي دادو جي عدالت پاران يارهن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ام رباب ۽ سندس چاچي انهيءَڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو پاران بري ٿيندڙ اٺن ئي جوابدارن جي خلاف هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ام رباب جو چوڻ آهي ته قانوني ماهر، وڪيل ۽ خاندان جا فرد دادو عدالت جي فيصلي جو جائزو وٺن پيا، سندس موقف اٽل آهي ته قاتل سردارن کي سزا تائين جدوجهد جاري رهندي، قاتلن جي خوشي عارضي آهي، ام رباب جو چوڻ هو ته منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون کي رائيگان ڪيو ويو آهي، ۽ مون کي خدشو هو ته سنڌ ۾ انصاف نه ملندو، سنڌ ۾ انصاف ممڪن نه پر مشڪل آهي، سنڌ ۾ سردارن وڏيرن جو راڄ آهي، پهرين ڏينهن کان وٺي مون کي جيڪي ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن ۽ هاڻي ته جان جو خطرو ويتر وڌي ويو آهي.
ام رباب جي ڪيس متعلق عام راءِ اها آهي ته هن پنهنجو ڪيس عوامي عدالت ۾ کٽي ڇڏيو آهي، هن وقت عالمي طور سندس ڪيس جي پيروي ٿي چڪي آهي، 27 سالن جي اها معصوم نياڻي ام رباب پنهنجي گهر جي ڀاتين جي جيڪڏهن اٺن سالن کان وٺي مالڪي نه ڪري ها ته ڇا حڪومتي بينچن تي ويٺل ٻه ايم پي ايز سنڌ جا ڊنگ سردار ڪيس مان جان آجي ٿيڻ تي اهڙي طرح دهل شرنايون وڄائي پنهنجي جيت جو اعلان ڪن ها، ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي رعب تاب ۽ دٻدٻي جي انهيءَڏينهن شڪست ٿي وئي جنهن ڏينهن سندن قبيلي جي هڪ نياڻي انهن آڏو پنهنجي ڪنڌ کي جهڪائڻ بدران انهن جي خلاف پيرين اگهاڙي سپريم ڪورٽ پهتي، 2020 ۾ سندس پيرين اگهاڙي سپريم ڪورٽ کان ٻاهر نڪرڻ جي منظرن هن ڪيس کي عالمي طور مقبول ڪري ڇڏيو هو، نه ته ٻه چار قتل ڪرائڻ ته انهن وحشت جي راڄ ڌڻي سردارن لاءِ کٻي هٿ جو کيل آهي، هي ٽي قتل به ائين لڙهي وڃن ها پر جنهن نياڻي ام رباب سنڌ يونيورسٽي مان 2021 ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي، پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ پنهنجي روح ۾ اعتماد، بهادري، جدوجهد جو اهڙو وڻ پوکي ڇڏيو آهي، جنهن کي پاڙان ڪٽڻ ايڏو سولو ناهي، انھي بهادر نياڻي جا اهي منظر به اسان جي سامهون آهن، جڏهن هن انهيءَوقت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب جي گاڏي جي آڏو بيهي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن کيس چيو هو ته انهيءَ ڪيس ۾ دهشت گردي جا قلم آهن جنهن ڪري ٽن کان ڇهن مهينن جي عرصي اندر قانوني طور انهيءَ جو فيصلو سامهون ايندو پر ڪيترائي اعلي عدليا جا جج ايندا رهيا، ام رباب ڪڏهن پيرين اگهاڙي پنڌ ڪندي رهي، ڪڏهن علامتي طور لالٽين پنهنجي هٿن ۾ کڻي انهن کي سج جي روشني سان گڏ لالٽين جي روشني ڏيکاريندي رهي ته جيئن انهن جي انصاف جي ڀريل آلماڙين مان ڪو قانون نڪري اچي جنهن سان ٽن بي گناهه ماڻهن جي قتل جو ازالو ٿي سگهي، اسان جي ديس جي ناليواري ڪالم نگار اعجاز منگي صحيح لکيو آهي ته ام رباب ڪنهن مارڪسي فڪر ۽ فلسفي کان به واقف ناهي، هن ڪي سرخ انقلابن جا ڪي آدرشي ناول پڻ ناهن پڙهيا پر منهنجي خيال ۾ هاڻي انهيءَجي جدوجهد تي ناول لکيا ويندا، جيئن اياز چيو هو
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان!
اهڙي طرح ام رباب پنهنجي بهادري واري ڏات ۽ عزم جي تند سان وقت جي فرعونيت جي تلوارن کي شڪست ڏني آهي، هن جي آواز سان هن جي گيتن سان ظلم جون ديوارون ۽ جبر جا ڀاري برج ڪنبي رهيا آهن، ام رباب پاڻ کي تاريخ جي صفحن ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هن جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي کي رهزني جي راهن تي هلندڙن قتل ڪري ڇڏيو هو ته هن جي عمر صرف اوڻيهه سال هئي، ڪير تصور ڪري سگهي ٿو، انهيءَ عمر ۾ نياڻي جي اولاد مزاحمت جو ڪارو ويس پائي روڊن تي نڪري ايندي، هن خلاف ڀلي ڪجهه به چيو وڃي پر ايڏي انياءَ جي خلاف پهاڙن وانگر بيهي رهڻ جي ڪري ئي سموري سماج جون همدرديون ساٿ ۽ سچائي هن سان گڏ آهي، سنڌي سماج ۾ جسماني طور تي ايڏي نٻل نياڻي کي اهڙي شڪتي ڪٿان ملي آهي جو اڄ اها سنڌ جي سڀني نياڻين جي لاءِ حوصلي جي علامت بڻجي چڪي آهي، چيو وڃي ٿو ته هن جي ايف آءِآر 16 ڪلاڪ دير سان داخل ٿي، ڇا ڪير اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته جڏهن اهي قتل ٿيا هئا، انھيءَ وقت مقتولن جو تعارف ميهڙ کان ٻاهر ڪٿي هيو، ڊنگ سردارن ۽ حڪومتي ڌر جي اسيمبلي ميمبرن مٿان ايف آءِآر داخل ڪرڻ جي ڪنهن آءِجي، ڊي آءِجي يا ايس ايس پي کي همت ٿيندي آهي جو ڀوتارن جو رکرايل وڏو منشي پنهنجي طاقت جي زور تي ڪنهن عام ماڻهو جي اهڙي ايف آءِآر داخل ڪري سگهي، ڇا مائي جندو جي ايف آءِآر ڪهڙي مضبوط هئي، شهيد بختاور جي ايف آءِآر ڪهڙي مضبوط هئي، ايف آءِآر جو بنياد ته صرف هيرا ڦيري هوندو آهي، ٽال مٽول جا انداز هوندا آهن، جيڪو انهن مرحلن مان گذريو هوندو انهيءَکي وڏن منشين ، ننڍن منشين ، ڊيوٽي آفيسرن، صوبيدارن ۽ حد جي ڊي ايس پين جي خبر هوندي ته ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي واقعي جي ايف آءِآر ڪيئن ڪٽي ويندي آهي، پوليس جي اصل طاقت جو هٿيار ته اهو هڪ پني جو ٽڪرو هوندو آهي، جنهن ۾ انصاف کي اونداهي جي پاتال ۾ اڇلايو ويندو آهي، مظلومن کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويندو آهي ، ظالمن کي تخت ۽ تاج تي ويهاريو ويندو آهي، تنهنڪري ام رباب جي ايف آءِآر تي ڪهڙا اعتراض ڪري سگهجن ٿا، شاهدن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي پنجن ڇهن ڦٽن جي فاصلي تي هئا، گولين جي برسات ۾ پروڻ ٿيڻ کان ڪيئن بچي ويا، جڏهن اهي سوال سامهون ٿا اچن ته اهو به چوڻ گهرجي ته ٽن بي گناهه ماڻهن جو قتل ٿيو آهي، جيڪڏهن ايف آءِآر ڪمزور داخل ٿي آهي، جيڪڏهن شاهدن جا بيان متضاد آهن، جيڪڏهن ام رباب غلط بياني ڪري رهي آهي ته ڀلا پوليس جو ڪهڙو ڪردار بيهي ٿو، رياستي حڪمرانن جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي، انصاف جي ڪٽهڙن کي ڇا انهن قاتلن جو پتو لڳائڻ نه گهرجي، جن سر عام ٽن انساني جانين کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو، جيڪڏهن هي ڪيس ايترو ئي ڪمزور ڏسڻ ۾ پئي آيو ته اهو مهيني ڏيڍ ۾ ئي فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي ها، 2018 کان وٺي هي ڪيس هائي پروفائيل ٿيندو رهيو، سنڌ ۽ ملڪ جي اعلي عدالتن تائين انهيءَنا انصافي جي گونج ٻڌڻ ۾ پئي آئي، خبر ناهي ته اٺن سالن جي ايڏي وڏي عرصي اندر هڪڙو به مجرم سامهون نه آيو ۽ سڀ بي گناهه بڻجي جشن ملهائي رهيا آهن،
اچو ته پنهنجي ديس جي هن مظلوم نياڻي کي محبتن، عظمتن ۽ آٿتن جا مينار اڏي ڏيون جيئن هن ديس ۾ جن روايتن جو هن بنياد رکيو آهي، اهي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن، هن جي نٻل ٻانهن ۾ گهڻي شڪتي هجي ڀل نه هجي پر هن جي حوصلن، همتن ۽ جبر جي خلاف کنيل مشعل کي وسامڻ نه ڏيون، هيءَ پنهنجي منزل جي سسئي آهي، جنهن جبلن کي شڪست ڏيندي پنهنجا پير پٿون ڪيا آهن، هن تي الزامن جا تير وسائڻ کان اڳ هڪ لمحي لاءِ اهو ضرور سوچيون ته هيءَ معصوم نياڻي 2018 کان وٺي پنهنجي گهر کي گهاٽي وڻ جي ڇانوَ ڏيندڙ فردن کي وڃائي چڪي آهي، هن سڀني ڏکن جي لڙڪن کي پنهنجي اکڙين جي بنديخاني ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، هن جو سفر ڀلي اڻانگو هجي پر هن پنهنجي خوابن واري عمر کي منزلن جي ڳولا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان ٻيو ڪجههه نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن لفظن جو ساٿ ڏيئي سندس بابا، چاچا ۽ ڏاڏا سائين جي قاتلن جي ڳولا ۾ مدد ڪيون، هن وٽ اهو ساڳيو باغي روح آهي جيڪو هن پنهنجي والد جي اندر ۾ محسوس ڪيو هو، جنهن ڀاري برجن کي لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سندس خاندان جي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ستارن وانگر انهيءَبغاوت جي چادر اسان کي هر نئين ڏينهن تي عظمتن ڀريو اتساهه ڏيئي رهي آهي۔